آمريڪا فوج پاران پيسفڪ سمنڊ ۾ منشيات بردار ٻيڙي تي حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن -30 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي فوج پيسفڪ سمنڊ جي عالمي پاڻين ۾ هڪ اهڙي ٻيڙي کي نشانو بڻايو آهي جيڪو مبينه طور تي اسمگلنگ ۾ استعمال ٿي رهي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڪارروائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي ڪئي وئي جنهن جي تصديق آمريڪي جنگ بابت وزير پيٽ هيگسته ڪئي . هن پنهنجي ايڪس تي ڏنل بيان ۾ چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي …

واشنگٽن -30 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي فوج پيسفڪ سمنڊ جي عالمي پاڻين ۾ هڪ اهڙي ٻيڙي کي نشانو بڻايو آهي جيڪو مبينه طور تي اسمگلنگ ۾ استعمال ٿي رهي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڪارروائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي ڪئي وئي جنهن جي تصديق آمريڪي جنگ بابت وزير پيٽ هيگسته ڪئي . هن پنهنجي ايڪس تي ڏنل بيان ۾ چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي وزارت اوڀر پيسفڪ سمنڊ ۾ هڪ وڌيڪ منشيات بردار ٻيڙي خلاف ڪارروائي ڪئي. اها ٻيڙي هڪ نامزد دهشتگرد تنظيم جي استعمال هيٺ هئي ان ۾ موجود 4  اسمگلر مارجي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اها ڪاروائي عالمي پاڻين ۾ ڪئي وئي ۽ آمريڪي انٽيليجنس موجب ٻيڙي منشيات جي فراهمي لاءِ استعمال ٿي رهي هئي. آمريڪي فوج کي ڪنهن به قسم جو نقصان ناهي ٿيو . پرڏيهي ميديا موجب نيويارڪ ٽائيمز آگسٽ ۾ انڪشاف ڪيو هيو ته صدر ٽرمپ پينٽاگون کي لاطيني آمريڪي منشيات ڪارٽيلز خلاف فوجي طاقت استعمال ڪرڻ جي ڳجهي هدايت ڏني. ان کانپوءِ آمريڪي سامونڊي فوج ڪيريبين ۽ اوڀر پيسفڪ سمنڊ ۾ پنهنجي فوج جي موجودگي ۾ اضافو ڪيو ۽ منشيات بردار ٻيڙين خلاف فضائي ڪارروائي ۽ سامونڊي حملا ڪيا.

مزید خبریں