سکر جي ميئر جي گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل سان ملاقات

سکر  - 30 آڪٽوبر(اي پي پي) سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، گڏيل عرب امارات  (UAE) جي قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات نهايت خوشگوار ماحول ۾ ٿي. سنڌ اطلاعات کاتي سکر پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ملاقات دوران ٻه طرفي دلچسپيءَ وارا معاملا، سيڙپڪاري، تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي خيالَن جو اظهار ڪيو ويو. بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي کي سکر جي دوري جي خاص دعوت …

سکر  – 30 آڪٽوبر(اي پي پي) سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، گڏيل عرب امارات  (UAE) جي قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات نهايت خوشگوار ماحول ۾ ٿي. سنڌ اطلاعات کاتي سکر پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ملاقات دوران ٻه طرفي دلچسپيءَ وارا معاملا، سيڙپڪاري، تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي خيالَن جو اظهار ڪيو ويو. بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي کي سکر جي دوري جي خاص دعوت ڏني ته جيئن هو شهر جي سماجي، معاشي ۽ واپاري امڪانن جو  جائزو وٺي سگهي. هن چيو ته سکر سنڌ جو اڀرندڙ واپاري ۽ تعليمي مرڪز آهي، جتي سنڌ حڪومت جون ترجيحون عوامي ڀلائي، بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ سيڙپڪاري جي واڌ ويجهه تي  آهن۔ ميئر سکر پاران سکر چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن کي ويزا سهولتون فراهم ڪرڻ تي قونصل جنرل جو خاص شڪريو ادا ڪيو، جنهن سان ٻنهي علائقن جي واپارين وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي هٿي ملندي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملاقات دوران سکر ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۽ ڊرائي پورٽ قائم ڪرڻ جا امڪان به بحث هيٺ آيا، جيئن ڪاروباري سرگرمين ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي وڌيڪ هٿي ملي سگھي۔ بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي، جيئن سکر کي هڪ جديد واپاري مرڪز ۾ تبديل ڪري سگهجي ۽ سڄي سنڌ ۾ ترقيءَ جو سفر وڌيڪ تيز ٿي سگهي۔

مزید خبریں