اسلام آباد - 30 آڪٽوبر (اي پي پي) طالبان جي قيادت هيٺ افغان سرزمين منشيات، اسمگلنگ ۽ دهشتگردي جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي. آفيم جي پوک لاءِ مشهور افغانستان اڄ ڪرسٽل ميٿ ۽ ڪيميائي منشيات جو عالمي مرڪز بڻجي چڪو آهي. افغانستان ۾ ڪيميائي منشيات جي پيداوار ۽ اسمگلنگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام ۽ منشيات ۽ ڏوهن جي آفيس هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ افغانستان …
طالبان جي قيادت هيٺ افغانستان ۾ ڪيميائي منشيات جي پيداوار ۽ اسمگلنگ خطي لاءِ خطرو قرار، افغانستان ڊرگ انسائيٽس2025ع جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ جاري
اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) طالبان جي قيادت هيٺ افغان سرزمين منشيات، اسمگلنگ ۽ دهشتگردي جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي. آفيم جي پوک لاءِ مشهور افغانستان اڄ ڪرسٽل ميٿ ۽ ڪيميائي منشيات جو عالمي مرڪز بڻجي چڪو آهي. افغانستان ۾ ڪيميائي منشيات جي پيداوار ۽ اسمگلنگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام ۽ منشيات ۽ ڏوهن جي آفيس هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ افغانستان ڊرگ انسائيٽس 2025ع جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق افغانستان مصنوعي منشيات، خاص طور تي ڪرسٽل ميٿ (آئس) پيدا ڪرڻ جو نئون مرڪز بڻجي ويو آهي. افغانستان ۾ تيزي سان آفيم جي پوک هيٺ زمين جي جاءِ منشيات بڻائڻ واريون ڪيميائي ليبارٽريون وٺي رهيون آهن. 2017ع کان 2021ع تائين مصنوعي منشيات جو ضبط ٿيل مقدار 30 ٽن تائين پهچي ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغانستان ۾ منشيات جي ڪاروبار کي هاڻي لڪائي نٿو سگهجي، خطو خاص طور تي پاڪستان افغانستان مان منشيات اسمگلنگ جهڙن خطرن جو شڪار آهي، پاڪستاني حڪومت منشيات ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ اهم ۽ موثر قدم کنيا آهن. پاڪستان نيوي عربي سمنڊ ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن سامونڊي جهازن مان 972 ملين ڊالرن جي ڪرسٽل ميٿ ۽ ڏوڏي ضبط ڪئي آهي. پاڪ بحريه طرفان ٻيڙين مان 2.5 ٽن آئيس ۽ 50 ڪلو ڏوڏي به ضبط ڪئي وئي. خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي.











