سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون

ڪراچي-30آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي تہ ملڪ دشمن عنصرن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. وڏي وزير چيو ته فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪوئيٽا جي علائقي چلتن ۾ 14 دهشتگرد ۽ ڪيچ ضلعي ۾ 4 دهشتگرد …

ڪراچي-30آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي تہ ملڪ دشمن عنصرن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. وڏي وزير چيو ته فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪوئيٽا جي علائقي چلتن ۾ 14 دهشتگرد ۽ ڪيچ ضلعي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. وڏي وزير چيو ته قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي جن هندستاني اسپانسرڊ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، وڏي وزير سنڌ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پڻ سيڪيورٽي ادارن جي خدمتن جي تعريف ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عوام کي فورسز تي مڪمل يقين آهي، سنڌ حڪومت هر محاذ تي انهن سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ڪڏهن به پنهنجن ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته مادر وطن جي دفاع ۾ اسان جي سپاهين جون قربانيون قوم جو فخر آهن.

مزید خبریں