واشنگٽن - 30 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينٽاگون کي ايٽمي هٿيارن جا تجربا فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر پينٽاگون کي هدايت ڪئي آهي ته هو 33 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ايٽمي هٿيارن جا تجربا ٻيهر شروع ڪري. اهو اعلان هن چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات کان ڪجهه منٽ اڳ ڪيو جنهن سان عالمي سطح تي …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پينٽاگون کي ايٽمي هٿيارن جا تجربا فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم
واشنگٽن – 30 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينٽاگون کي ايٽمي هٿيارن جا تجربا فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر پينٽاگون کي هدايت ڪئي آهي ته هو 33 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ايٽمي هٿيارن جا تجربا ٻيهر شروع ڪري. اهو اعلان هن چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات کان ڪجهه منٽ اڳ ڪيو جنهن سان عالمي سطح تي ڳڻتي جي نئين لهر پيدا ٿي آهي.ٽرمپ اهو اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ٽروٿ سوشل “ تي ڪيو جڏهن هو ميرين ون هيلي ڪاپٽر ۾ بوسان وڃي رهيو هو ته جيئن چين جي صدر سان واپاري ڳالهين لاءِ ملاقات ڪري سگهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ٻين ملڪن جي تجرباتي پروگرامن جي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي جنگ واري وزارت کي هدايت ڏني آهي ته اها اسان جي ايٽمي هٿيارن جي جاچ کي برابري جي بنياد تي شروع ڪري ۽ اهو عمل فوري طور تي شروع ڪيو ويندو. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته روس ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته چين اڃان گهڻو پوئتي آهي پر پنجن سالن ۾ برابر اچي ويندو. اڃا اهو واضع ناهي ڪيو ويو ته ٽرمپ جو اشارو ايٽمي ڌماڪن جي تجربن طرف آهي يا ايٽمي صلاحيت رکندڙ ميزائلن جي تجربن طرف، جيڪي نيشنل نيوڪليئر سيڪيورٽي ايڊمنسٽريشن جي نگراني ۾ انجام ڏنا ويندا آهن.








