سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ”عورتن جو بااختيار بڻجڻ ۽ صنفي برابري“ جي موضوع تي سيمينار منعقد

حيدرآباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليمي ۽ سماجي ماهرن چيو آهي ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن کي اعليٰ تعليم تائين پهچ حاصل نه آهي، جڏهن ته صوبائي سطح تي لڳ ڀڳ 66 سيڪڙو ڳوٺاڻيون عورتون زرعي مزدور فورس جو حصو آهن، پر کين مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ اجرت ڏني ويندي آهي. اهڙيون ڳالهيون ماھرن پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ”عورتن جو بااختيار بڻجڻ …

حيدرآباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليمي ۽ سماجي ماهرن چيو آهي ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن کي اعليٰ تعليم تائين پهچ حاصل نه آهي، جڏهن ته صوبائي سطح تي لڳ ڀڳ 66 سيڪڙو ڳوٺاڻيون عورتون زرعي مزدور فورس جو حصو آهن، پر کين مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ اجرت ڏني ويندي آهي. اهڙيون ڳالهيون ماھرن پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ”عورتن جو بااختيار بڻجڻ ۽ صنفي برابري“ جي موضوع تي ٿيل سيمينار ۾ ڪيون ويون. سيمينار جي ميزباني اسٽوڊنٽس – ٽيچرز اينگيجمينٽ پروگرام ڪئي، جنھن لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۽ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران سهڪار ڪيو ويو ھو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سِيال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ رڳو سماجي ذميواري نه پر ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون آباديءَ جو اڌ کان وڌيڪ آهن، پر سندن سراسر آمدني مردن جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گھٽ آهي، جيستائين اهو فرق ختم نه ٿيندو، ترقي جو تصور ناممڪن رهندو.

ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته عورتن جا هٿ زراعت جي پيداوار ۾ ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پر کين زمين جي ملڪيت، قرضن، تربيت ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. هن چيو ته عورتن کي صرف مددگار نه پر مڪمل هارين طور تسليم ڪرڻ ئي ڳوٺاڻي ترقيءَ جو بنياد آهي. ھن ٻڌايو ته سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتن جي خواندگيءَ جي شرح 30 سيڪڙو کان به گھٽ آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ عورتن جي ليبر فورس ۾ شرڪت صرف 24.26 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته عالمي صنفي برابري انڊيڪس 2024 ۾ پاڪستان 148 ملڪن مان 142هين نمبر تي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالھه آھي. ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ خشڪ چيو ته سماج هڪ جسم جيان آهي، جنهن جو ڪو حصو ڪمزور ٿئي ته سڄو جسم متاثر ٿيندو آهي، تنهنڪري عورتن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تربيت جا برابر موقعا پيدا ڪرڻ ضروري آهن. آخر ۾ بشريٰ گل پٺاڻ، قرت العين، فرح ناز گلال، ثمرين ميمڻ، مريم راجپر، عليشبا ۽ رخسار پنهنجي تقريرن ۽ شاعريءَ ذريعي عورتن جي حقن ۽ صنفي برابريءَ جو پيغام ڏنو.

مزید خبریں