تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گذريل ڏينهن ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، ٻطرفي تعاون ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب گهرو وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ايراني صدر لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خير سگالي جو پيغام پهچايو. ان موقعي …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان ملاقات
تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گذريل ڏينهن ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، ٻطرفي تعاون ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب گهرو وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ايراني صدر لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خير سگالي جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي پاڪ افغان بارڊر جي موجوده صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان پاڪ افغان ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڀائراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته ايران پاڪستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ايران پنهنجي ڀاءُ ملڪ پاڪستان جي تعاون کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. صدر مسعود پز شڪيان ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان وٽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن جن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته ايران ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جا حصيدار آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهو تعاون خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











