ڍاڪا- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي اعليٰ عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪيون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن طرفان پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ اداري جاتي ميڪانزم جي اجلاسن جي بحالي تي اطمينان جو اظهار ۽ رابطا، توانائي ۽ قدرتي …
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جون بنگلاديش جي اعليٰ عملدارن سان اهم ملاقاتون
ڍاڪا- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي اعليٰ عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪيون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن طرفان پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ اداري جاتي ميڪانزم جي اجلاسن جي بحالي تي اطمينان جو اظهار ۽ رابطا، توانائي ۽ قدرتي وسيلن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي موقعن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي صلاحڪار پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڌي ريت اڏامن جي بحالي جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير سان واپار، ٽيڪسٽائيل، سول ايوي ايشن ۽ سياحت واري صلاحڪار شيخ بشير الدين ۽ توانائي ۽ معدني وسيلن واري صلاحڪار محمد فوزل ڪبير خان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ 20 سالن کانپوءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن جي اجلاس کي سٺو سنئون قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ٿي آهي، هن بنگلاديش طرفان ڪيل شاندار مهمانوازي جو به ٿورو مڃيو.











