اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڊسڪوز جي سيپٽمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. نيپرا طرفان جاري پڌرائي موجب عوامي ٻڌڻي آمنه احمد جي صدارت هيٺ نيپرا هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿي. عوامي ٻڌڻي ۾ سي پي پي اي جي جي عهديدارن، بزنس ڪميونٽي، توانائي واري وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي …
نيپرا جي ڊسڪوز جي سيپٽمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل
اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڊسڪوز جي سيپٽمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. نيپرا طرفان جاري پڌرائي موجب عوامي ٻڌڻي آمنه احمد جي صدارت هيٺ نيپرا هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿي. عوامي ٻڌڻي ۾ سي پي پي اي جي جي عهديدارن، بزنس ڪميونٽي، توانائي واري وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي ايف سي اي جي مد ۾ اٽڪل 37 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئي، اها صرف هڪ مهيني لاءِ ڊسڪوز سميت ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين لائيف لائن، پروٽيڪٽيڊ صارفين، پري پيڊ صارفين ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز کانسواءِ هوندو. اٿارٽي سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي راءِ کي تسلي سان ٻڌو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي.











