ملڪ کي ڊفالٽ ڪرائيندڙ ناڪام ٿيا، پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين: سيد عمران احمد شاهه

لاهور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته ملڪ کي ڊفالٽ ڪرائيندڙ ناڪام ٿيا، پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين. اهڙو اظهار هن پاڪستان بيت المال ريجنل آفيس جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي اسان پهرين ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، اڳوڻي حڪومت طرفان ملڪ کي ڊفالٽ ڪرائڻ جي پوري ڪوشش …

لاهور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته ملڪ کي ڊفالٽ ڪرائيندڙ ناڪام ٿيا، پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين. اهڙو اظهار هن پاڪستان بيت المال ريجنل آفيس جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي اسان پهرين ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، اڳوڻي حڪومت طرفان ملڪ کي ڊفالٽ ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي، سيد عمران احمد شاهه چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي نه رڳو ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو پر اهي ملڪ جن سان اسان جا فارن افيئرز اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي خراب ڪري ڇڏيا هئا، انهن کي بحال ڪري عروج تائين پهچائي ڇڏيو. هن چيو ته ڪوشش آهي ته اسان ماڻهن کي غربت جي لڪير مان ڪڍون ۽ ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪريون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي به ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪئي پئي وڃي ۽ اهو پروگرام وڏي ڪاميابي سان پروگرام هلي رهيو آهي، هن چيو ته آئون ان نيت سان وزارت ۾ آيو آهيان ته مون کي پنهنجي ماڻهن کي مڇي ناهي کارائڻي پر جهلڻ سيکارڻي آهي، اسان پنهنجي ادارن ذريعي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين ۽ عوام کي خوشحال بڻائينداسين. هن چيو ته حڪومت جو مشن آهي ته جلد ئي مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي وڌيڪ رليف ڏنو وڃي.