سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

ڪراچي- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايس پي آر اي جي صدر ڪامران رازي، نائب صدر حامد سومرو، جنرل سيڪريٽري اڪرم بلوچ، جوائنٽ سيڪريٽري ارباب چانڊيو، انفارميشن سيڪريٽري دودو چانڊيو، خزانچي وڪيل رائو، آفيس سيڪريٽري سنجي …

ڪراچي- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايس پي آر اي جي صدر ڪامران رازي، نائب صدر حامد سومرو، جنرل سيڪريٽري اڪرم بلوچ، جوائنٽ سيڪريٽري ارباب چانڊيو، انفارميشن سيڪريٽري دودو چانڊيو، خزانچي وڪيل رائو، آفيس سيڪريٽري سنجي سنڌواڻي ۽ ٻين کي انهن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. وڏي وزير چيو ته صحافت سماج جي اک ۽ جمهوريت جو بنياد آهي. هن چيو ته سنڌ جي صحافين هميشه عوامي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، اميد آهي ته سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جا ڪامياب عهديدار صحافت جي وقار، اتحاد ۽ خدمت جي جذبي سان ڪم ڪندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت مثبت ۽ ذميوار صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي.

مزید خبریں