نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عاطف جي ٽيليفون

اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عاطف ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان - الجزائر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عاطف ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان – الجزائر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.