اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي هڪ وفد جي ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر پبلڪ پاليسي رافيل فرانڪل جي قيادت ۾ واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل واپار، اي ڪامرس ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۾ تعاون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار بابت خاص …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ميٽا جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي هڪ وفد جي ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر پبلڪ پاليسي رافيل فرانڪل جي قيادت ۾ واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل واپار، اي ڪامرس ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۾ تعاون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار بابت خاص مددگار راڻا احسان افضل به موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي ڄام ڪمال خان پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي جي حمايت ۾ ميٽا جي حصيداري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي ڊجيٽل اڪانومي ڏکڻ ايشيا ۾ سڀني کان تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن مان هڪ آهي جيڪا نوجوانن جي آبادي، وڌندڙ ڪنيڪٽيوٽي ۽ هڪ مضبوط آءِ ٽي ٽئلينٽ بيس ذريعي 75 هزار کان وڌيڪ گريجوئيٽس تيار ڪري ٿي. وفاقي وزير وفد کي اي ڪامرس کي مضبوط ڪرڻ، آءِ ٽي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اي آءِ کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ لاءِ وزارت جي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي اي ايس جو روانگي واپار مالي سال 2025ع ۾ 18 سيڪڙو اضافي سان 3.8 ارب ڊالر تائين رهيو . ڄام ڪمال خان اي آءِ پاليسي ۽ گورننس ۾ پاڪستان جي تازي اڳڀرائي تي وڌيڪ روشني وڌي، نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع سميت اڏام پاڪستان قدم ۽ ڊجيٽل نيشنل پاڪستان ايڪٽ 2025ع، جنهن جو مقصد ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن ۽ روانگي واپار کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ اخلاقي، شفاف ۽ جامع اي آءِ اختيار ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن ميٽا کي نوجوانن کي هدف بڻائڻ وارن اي آءِ اسڪلنگ پروگرامن ۾ پاڪستان سان حصيداري ڪرڻ ۽ ڊجيٽل انٽر پرينيورشپ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ Meta-Pakistan E-Commerce Accelerator Pilot کي ڳولڻ جي دعوت ڏني. رافيل فرينڪل ڊجيٽل تبديلي ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي ساراهيندي اي آءِ سان هلندڙ ڊجيٽل جدت، مهارت جي ترقي ۽ ايس ايم اي سپورٽ ۾ تعاون وڌائڻ ۾ ميٽا جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ميٽا بوسٽ جهڙن پروگرامن ذريعي پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ ننڍن ڪاروبارن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ميٽا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











