صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ڪراچي بورڊ ۾ نائين ڪلاس جي نتيجن ۾ مجموعي نمبرن ۽ گريڊ جاري نه ڪرڻ جو سخت نوٽيس ورتو

ڪراچي- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ڪراچي پاران سال 2025ع جي نائين ڪلاس جي نتيجن ۾ مجموعي نمبر ۽ گريڊ جاري نه ڪرڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ ٽن ڏينهن اندر چيئرمين ميٽرڪ بورڊ کان لکت ۾ وضاحت طلب ڪئي آهي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب يونيورسٽين واري صوبائي وزير پاران چيئرمين ڪراچي بورڊ …

ڪراچي- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ڪراچي پاران سال 2025ع جي نائين ڪلاس جي نتيجن ۾ مجموعي نمبر ۽ گريڊ جاري نه ڪرڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ ٽن ڏينهن اندر چيئرمين ميٽرڪ بورڊ کان لکت ۾ وضاحت طلب ڪئي آهي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب يونيورسٽين واري صوبائي وزير پاران چيئرمين ڪراچي بورڊ کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ 23 آڪٽوبر تي نتيجن جو اعلان ڪيو، پر نه ئي مجموعي نمبر فراهم ڪيا ويا ۽ نه ئي مضمون وارا تفصيل ۽ گريڊ ظاهر ڪيا ويا. ان جي بدران، مختلف ذريعن کان صرف ڪامياب شاگردن جا رول نمبر جاري ڪيا ويا، جيڪو نتيجن جي مستند ۽ روايتي طريقي جي ابتڙ آهي. هن چيو ته نمبر ۽ گريڊ ظاهر نه ڪرڻ شاگردن ۽ والدين ۾ پريشاني ۽ شڪ پيدا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته شفافيت بابت سنگين خدشا پيدا ٿيا ويا آهن. محمد اسماعيل راهو ڪنٽرولر امتحانات ۽ آءِ ٽي انچارج کي هدايت ڪئي ته ٽن ڏينهن اندر نتيجن جي اعلان ۾ طريقيڪار کان انحراف جا سمورا سبب ۽ حقيقتون لکت ۾ پيش ڪن ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي.

مزید خبریں