سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب ڪراچي چڙيا گهر مان رانو رڇ کي گلگت بلتستان منتقل ڪرڻ جو عمل جاري

ڪراچي- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب ڪراچي چڙيا گهر مان رانو رڇ کي گلگت بلتستان منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رڇ جي منتقلي جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ رانو رڇ جي منتقلي ۾ هاڻي تائين ٿيل اڳڀرائي …

ڪراچي- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب ڪراچي چڙيا گهر مان رانو رڇ کي گلگت بلتستان منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رڇ جي منتقلي جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ رانو رڇ جي منتقلي ۾ هاڻي تائين ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. جهنگلي جيوت کاتي اجلاس کي ٻڌايو ته رانو جي منتقلي لاءِ سڀني حفاظتي معيارن کي پورو ڪندڙ هڪ خاص لوهه جو پنڃرو تيار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جهنگلي جيوت جا ماهر ۽ ٽرينر روزانو بنيادن تي رانو کي تربيت ڏيڻ ۾ مصروف آهن ته جيئن ان کي منتقلي لاءِ تيار ڪري سگهجي. تربيتي ٽيم ۾ ڪراچي چڙيا گهر جا ڊاڪٽر عامر ۽ عابده رئيس، اسلام آباد وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ جا رينجرز عباس، انيس، ثنا راجا ۽ سنڌ وائلڊ لائف ڊپارٽمينٽ جا ٽرينر عابد شامل آهن. ماهرن ٻڌايو ته رانو رڇ جو رويو مثبت آهي ۽ هوءَ تربيت جو سٺو جواب ڏئي رهي آهي. رانو اسلام آباد وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ جي ٽرينر ثنا راجا سان دوستي قائم ڪئي آهي ۽ هوءَ هر روز سندس اچڻ جو انتظار ڪندي آهي. رانو کي ثنا جي هٿ سان ماکي کائڻ به پسند آيو آهي، جيڪو سندس اعتماد ۽ رويي ۾ بهتري جي نشاني آهي. چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته رانو کي منتقلي دوران زبردستي يا بي هوشي واري دوا نه ڏني وڃي، پر ان کي تربيت ذريعي پاڻ پنڃري ۾ اچڻ سيکاريو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته شفافيت ۽ رڪارڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي منتقلي جي عمل جي وڊيو رڪارڊنگ ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري جهنگلي جيوت کاتي کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ به رانو جي منتقلي سان لاڳاپيل سڀئي انتظام مڪمل ڪيا وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب، رانو کي پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد ۽ ٻئي مرحلي ۾ گلگت بلتستان منتقل ڪيو ويندو. چيف سيڪريٽري جهنگلي جيوت کاتي کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ غير ملڪي جانورن جي درآمد تي مڪمل پابندي لاءِ صوبائي ڪابينا کي هڪ سمري موڪلي وڃي. هن چيو ته غير ملڪي جانور جڏهن انهن جي قدرتي ماحول کان پري رکيا ويندا آهن ته اهي ڊپريشن، ذهني دٻاءُ سبب پريشان ٿي ويندا آهن، تنهن ڪري انهن جي خريداري ۽ نمائش غير اخلاقي عمل آهي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته صوبي جي سڀني چڙيا گهرن ۽ جهنگلي جيوت پارڪن ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ جانورن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن سان مقامي ۽ عالمي معيارن مطابق اخلاقي ۽ محفوظ رويو اختيار ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي سيڪريٽري، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي، ڪنزرويٽر سنڌ وائلڊ لائف ڊپارٽمينٽ، اسلام آباد وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ جا نمائندا ۽ ٻين جهنگلي جيوت جي ماهرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں