سکر- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي هدايت تي تڪ پي ايس-22 پنو عاقل جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي. سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي سکر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي رهنمائي ۾ علائقي ۾ 15 ڪلوميٽر ڊگهي نئين روڊن جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن سان هزارين …
عوام جي خدمت ۽ ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو

مزید خبریں
سکر- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي هدايت تي تڪ پي ايس-22 پنو عاقل جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي. سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي سکر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي رهنمائي ۾ علائقي ۾ 15 ڪلوميٽر ڊگهي نئين روڊن جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن سان هزارين ماڻهن کي اچ وڃ ۾ نمايان سهولت حاصل ٿي آهي. انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان عوامي زندگي ۾ آساني پيدا ٿي آهي ۽ علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جا نوان در کليا آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته عوام جي خدمت ۽ ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت جي مشن تي قائم آهي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. علائقي جي عوام ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عوامي خدمت جو هي سلسلو مستقبل ۾ به ساڳئي جذبي سان جاري رهندو.











