سپريم ڪورٽ پاران شبلي فراز ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ شبلي فراز ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ ڌرين کي ٻڌڻ بعد التوا هيٺ درخواست تي فيصلو ڪري. سپريم ڪورٽ سينيٽ اليڪشن روڪرائڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ شبلي فراز پاران اليڪشن ڪميشن جي ڊي سيٽ ڪرڻ …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ شبلي فراز ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ ڌرين کي ٻڌڻ بعد التوا هيٺ درخواست تي فيصلو ڪري. سپريم ڪورٽ سينيٽ اليڪشن روڪرائڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ شبلي فراز پاران اليڪشن ڪميشن جي ڊي سيٽ ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي اربع تي ڪئي. جسٽس حسن اظهر رضوي پڇيو ته ڪل ڪيترين سيٽن تي چونڊون ٿيڻيون آهن جنهن تي بئريسٽر گوهر ٻڌايو ته صرف هڪ سيٽ لاءِ اليڪشن آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته سينيٽ چونڊن ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي ۽ اليڪشن روڪڻ جي درخواست رد ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ رليف حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڪندڙن جو سرينڊر ڪرڻ لازمي آهي. جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته ڇا پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو هجڻ يا نه هجڻ تي ڪو فيصلو ڪيو جنهن تي بئريسٽر گوهر ٻڌايو ته ڪيس اڃا خارج نه ڪيو ويو آهي. جسٽس مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته اهو ڪيس بنيادي حقن بابت آهي جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته حقن جو تعلق سڌيءَ ريت سزا سان آهي. درخواست گذار دهشتگردي جي روڪ ٿام واري عدالت مان سزا يافته آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ۾ چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ کي صرف هڪ پيراگراف ۾ حڪم ڏيڻ کپي ها پر 31 صفحا لکي ڇڏيا. بعد ۾ سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي شبلي فراز جي درخواست اڪلائي ۽ حڪم ڏنو ته هاءِ ڪورٽ ڌرين کي ٻڌڻ بعد شبلي فراز جي التوا هيٺ درخواست تي فيصلو ڪري.