واشنگٽن -29 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا جي 25 ڊيموڪريٽڪ اڪثريتي رياستن جي گورنرن ۽ اٽارني جنرلن ٽرمپ انتظاميا خلاف وفاقي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيس ۾ انتطاميا جي ان فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي جنهن تحت لکين آمريڪين لاءِ ايندڙ مهيني غذائي امداد جا فنڊ ملتوي ڪيا ويا آهن. ڪيس ميسا چوسٽس جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عدالت کي …
آمريڪا جي 25 رياستن پاران ٽرمپ انتظاميا خلاف خوراڪ جي امداد ملتوي ڪرڻ تي ڪيس
واشنگٽن -29 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا جي 25 ڊيموڪريٽڪ اڪثريتي رياستن جي گورنرن ۽ اٽارني جنرلن ٽرمپ انتظاميا خلاف وفاقي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيس ۾ انتطاميا جي ان فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي جنهن تحت لکين آمريڪين لاءِ ايندڙ مهيني غذائي امداد جا فنڊ ملتوي ڪيا ويا آهن. ڪيس ميسا چوسٽس جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اها آمريڪي زراعت کاتي ( يو ايس ڊي اي ) جي حڪمن کي روڪڻ ۽ ان کي هدايت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ته دستياب سمورا وسيلا استعمال ڪندي ۽ سپليمنٽل نيوٽريشن اسسٽنس پروگرام( ايس اين اي پي ) تحت امداد جاري رکي. نيويارڪ جي اٽارني جنرل ليٽيشيا جيمز چيو ته لکين آمريڪي بک جو شڪار ٿيڻ وارا آهن ڇو ته وفاقي حڪومت اها امداد روڪي رهي آهي جيڪا ان کي قانوني طور فراهم ڪرڻ لازمي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ايس اين اي پي آمريڪا جو سڀ کان وڏو بک جي روڪ ٿام وارو پروگرام آهي جيڪو اٽڪل 4 ڪروڙ 20لک ماڻهن يعني آبادي جي 12 سيڪڙو کان به وڌيڪ حصي کي خوراڪ جي سهولت فراهم ڪري ٿو.








