صدر شي جن پنگ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات 30 آڪٽوبر تي ٿيندي

بيجنگ-29 آڪٽوبر(اي پي پي) چين تصديق ڪئي آهي ته صدر شي جن پنگ 30 آڪٽوبر خميس ڏينهن تي ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ملاقات ٻنهي عالمي معيشتن وچ ۾ جاري واپاري ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ انتهائي اهميت واري سمجهي پئي وڃي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ٻئي سربراهه ان ملاقات ۾ اقتصادي ۽ ڊگهي مدي وارن معاملن …

بيجنگ-29 آڪٽوبر(اي پي پي) چين تصديق ڪئي آهي ته صدر شي جن پنگ 30 آڪٽوبر خميس ڏينهن تي ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ملاقات ٻنهي عالمي معيشتن وچ ۾ جاري واپاري ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ انتهائي اهميت واري سمجهي پئي وڃي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ٻئي سربراهه ان ملاقات ۾ اقتصادي ۽ ڊگهي مدي وارن معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، جڏهن ته ترجمان سڌي ريت ڪنهن واپاري معاهدي جو ذڪر نه ڪيو جنهن جي عالمي منڊين کي وڏي اميد آهي.