سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اکين کان محروم سي ايس ايس امتحان جي ڪامياب اميدوار ارل حسين جي ملاقات

ڪراچي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان 27 ورھين جي اکين کان محروم سي ايس ايس ڪامياب اميدوار ارل حسين سان ملاقات ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير کيس پاڪستان جي فارن سروس ۾ شموليت تي واڌايون ڏنيون. ارل حسين سي ايس ايس جو امتحان 2024ع جي بيچ ۾ ڪاميابي سان پاس ڪيو ۽ کيس سندس پهرين ترجيح مطابق فارين سروس آف پاڪستان لاءِ چونڊيو …

ڪراچي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان 27 ورھين جي اکين کان محروم سي ايس ايس ڪامياب اميدوار ارل حسين سان ملاقات ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير کيس پاڪستان جي فارن سروس ۾ شموليت تي واڌايون ڏنيون. ارل حسين سي ايس ايس جو امتحان 2024ع جي بيچ ۾ ڪاميابي سان پاس ڪيو ۽ کيس سندس پهرين ترجيح مطابق فارين سروس آف پاڪستان لاءِ چونڊيو ويو. وڏي وزير جي ترجمان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ارل حسين جي ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته ھمت، محنت ۽ پختي عزم اڳيان ڪا به جسماني معذوري رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. سيد مراد علي شاهه نوجوان آفيسر کي ڀاڪر پائيندي چيو تھ توهان اسان سڀني جو نالو فخر سان مٿي ڪيو آهي. ارل حسين پنهنجي تعليمي سفر بابت ٻڌايو ته هن خاص ٻارن جي اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪئي. وڏي وزير پيپلز بس سروس جي پڻ ساراهھ ڪئي، جنهن بابت ارل حسين ٻڌايو ته هو پيپلز بس سروس کي باقاعدي استعمال ڪري ٿو ۽ ان کي تمام ڪارائتو سمجهي ٿو. هن وڏي وزير کي عرض ڪيو ته بس سروس ۾ ڊجيٽل يا وائيس اسسٽڊ سسٽم شامل ڪيو وڃي ته جيئن بصارت کان محروم ماڻهو ايندڙ بسن کي سڃاڻي سگهن. ارل حسين وڌيڪ چيو ته سي ايس ايس امتحانن دوران بصارت کان محروم اميدوارن کي اضافي وقت ڏنو ويندو آهي، جنهن سبب هو وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪارڪردگي ڏيکاري سگهيا. ملاقات ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِٿ ڊس ايبيليٽيز (ڊي اي پي ڊي) جو سيڪريٽري طحهٰ فاروقي، نيٽورڪ آف آرگنائيزيشن ورڪنگ وٿ ڊسئيبلٽيز جو امين هاشواڻي، مصطفيٰ غازي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ خاص ماڻهن جون وڌندڙ ڪاميابيون سنڌ حڪومت جي فلاحي ڪوششن جو نتيجو آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد هڪ جامع ۽ بااختيار سماج جوڙڻ آهي، جتي خاص ماڻهن کي اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ملي سگهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت انڪليوزو سٽي ۽ ٻين ادارن سان گڏجي خاص ٻارن جي تعليم ۽ بااختياري لاءِ ڪم جاري رکندي. هن سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي کي اپيل ڪئي ته اهي پڻ خاص ماڻهن جي ترقي ۽ بااختياري لاءِ حڪومت سان گڏجي قدم وڌائين.

مزید خبریں