تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران اسرائيل سان لاڳاپيل جهاز جي مالڪ کان 170 ملين ڊالرن جي ڏنڊ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊياموجب ايران جي عدليه جي ترجمان اصغر جهانگير چيو ته ايران گذريل سال نار وارن ملڪن جي پاڻي ۾ ضبط ڪيل مال بردار جهاز جي مالڪ کان 170 ملين ڊالرن جي ڏنڊ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان تي اسرائيل سان لاڳاپن جو الزام لڳايو آهي. …
ايران پاران اسرائيل سان لاڳاپيل جهاز جي مالڪ کان 170 ملين ڊالرن جي ڏنڊ جو مطالبو
تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران اسرائيل سان لاڳاپيل جهاز جي مالڪ کان 170 ملين ڊالرن جي ڏنڊ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊياموجب ايران جي عدليه جي ترجمان اصغر جهانگير چيو ته ايران گذريل سال نار وارن ملڪن جي پاڻي ۾ ضبط ڪيل مال بردار جهاز جي مالڪ کان 170 ملين ڊالرن جي ڏنڊ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان تي اسرائيل سان لاڳاپن جو الزام لڳايو آهي. ايران جي فوج جي نظرياتي شاخ (پاسداران انقلاب) اپريل 2024ع ۾ ايم ايس سي ايريز کي روڪيو ۽ ان جي عالمي عملي جي 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. ايراني عدليه جي ترجمان اصغر جهانگير ٻڌايو ته الزامن تحت ڪيس عدالتن ۾ آهي، پر ٻڌڻي لاءِ ڪا به تاريخ مقرر ناهي ڪئي وئي.هن چيو ته ان جي اسرائيلي ڄائي مالڪ کان 170 ملين ڊالرن جي ڏنڊ جو مطالبو ڪيو آهي جنهن تي دهشتگردي جي مالي معاونت جو الزام آهي. ان وقت آمريڪا سامونڊي جهاز کي ضبط ڪرڻ کي سامونڊي ڦورن جو عمل قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي ۽ عملي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هيو.اسرائيل جي پرڏيهي وزير، يورپي يونين کان مطالبو ڪيو آهي ته پاسداران انقلاب کي ؛دهشتگرد تنظيم؛ قرار ڏئي. جهاز جي ڪجهه عملي کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو هو. هن دعويٰ ڪئي ته اسرائيلي ارب پتي ۽ جهاز راني جو هڪ اهم شخص اسرائيلي حڪومت ۾ هڪ با اثر شخصيت هو. جهاز جي ضبط ٿيڻ جو واقعو غزه جنگ جي ڪجهه مهينن کان پوءِ سامهون آيو.








