رياض- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان رياض جي اليمامه پيلس ۾ (فيفا) جي صدر رجياني انفينٽينو ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ فيفا سان راندين ۾ سهڪار جي شعبن ۽ ان جي ترقي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي راندين جو وزير شهزاده ترڪي بن فيصل بن عبدالعزيز، واپار وارو وزير ڊاڪٽر ماجد القصبي ، پبلڪ انويسٽمنٽ فنڊ جو گورنر …
سعودي ولي عهد سان فيفا جي صدر جي ملاقات، راندين ۾ سهڪار جي شعبن بابت خيالن جي ڏي وٺ
رياض- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان رياض جي اليمامه پيلس ۾ (فيفا) جي صدر رجياني انفينٽينو ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ فيفا سان راندين ۾ سهڪار جي شعبن ۽ ان جي ترقي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي راندين جو وزير شهزاده ترڪي بن فيصل بن عبدالعزيز، واپار وارو وزير ڊاڪٽر ماجد القصبي ، پبلڪ انويسٽمنٽ فنڊ جو گورنر ياسر الرميان، شاهي صلاحڪار عبدالعزيز طربزوني ۽ سعودي عربيئن فٽبال فيڊريشن جو صدر ياسر المسحل به موجود هيو.








