وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

رياض-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. اربع ڏينهن رياض جي نائب شهزاده محمد بن عبدالرحمٰن بن عبدالعزيز وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ڪنگ خالد عالمي هوائي اڏي تي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي دوري دوران سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزير اعظم شهزاده محمد بن …

رياض-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. اربع ڏينهن رياض جي نائب شهزاده محمد بن عبدالرحمٰن بن عبدالعزيز وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ڪنگ خالد عالمي هوائي اڏي تي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي دوري دوران سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزير اعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اقتصادي سهڪار جي فريم ورڪ جو آغاز ڪيو ويو، اهو فريم ورڪ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي هڪ نئين باب جو آغاز آهي، فريم ورڪ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ موجود پُراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان اقتصادي تعاون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جُون نيُون راهون ڳولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هِن فريم ورڪ تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ خوراڪ جي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون، نجي شعبي جي تعاون کي وڌائڻ ۽ واپاري مٽاسٽا جي فروغ لاءِ ٿيندو، ان فريم ورڪ تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري ڪيترن ئي گڏيل منصوبن سميت پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بجلي جي پهچ جي منصوبي ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحُون به شامل هيُون. وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ منعقد ٿيل فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي نائين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ۾ ۽ ڇا “انسانيت صحيح رُخ طرف گامزن آهي؟” جي موضوع تي گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪيو. هُن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ انساني ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي ترقي جي ويزن ۽ دنيا ۾ ترقي جي قدمن جي حوالي سان سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن ۽ ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ تباهي تي روشني وجهندي ۽ گلوبل نارٿ جي گلوبل سائوٿ سان ڀائيواري تي زور ڏنو. هن خاص طور تي پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت جي ترقي، مصنوعي ذهانت جي فروغ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جي دوري دوران ورلڊ اڪنامڪ فورم جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بورگا بوگينڊي سان پڻ ملاقات ٿي.