سنڌ حڪومت پاران ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان سان گڏ سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جو دائرو وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ييلو لائن بي آر ٽي جي اهم حصي، تاج حيدر پل کي عام عوام لاءِ کولڻ …

ڪراچي- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان سان گڏ سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جو دائرو وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ييلو لائن بي آر ٽي جي اهم حصي، تاج حيدر پل کي عام عوام لاءِ کولڻ ۽ گلشن معمار کان ٽاور تائين اي وي بسن جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيا ويا، اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي جاري ۽ ايندڙ منصوبن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ملازمت پيشه عورتن ۽ شاگردياڻين کي اسڪوٽيز هلائڻ جي تربيت نجي ڪمپني جي سهڪار سان ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته هي سکيا رڳو آمدورفت جو ذريعو ناهي، پر عورتن جي خودمختياري ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. سکيا مڪمل ڪندڙ عورتن کي مفت ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا ويندا ته جيئن کين ڪنهن به مالي تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پوي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ييلو لائن بي آر ٽي جو اهم سيڪشن، تاج حيدر پل، مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد عوام لاءِ کوليو ويندو. گلشن معمار کان ٽاور تائين 15 اي وي بسن تي ٻڌل نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي جيڪو شهرين کي جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪندو. خيرپور، شڪارپور ۽ نوشهرو فيروز ۾ به پيپلز بس سروس تحت 20 نيون بسون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ جي ٻين شهرن کي به معياري سفري سهولتون ملي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسن جي نئين کيپ جلد ڪراچي پهچڻ واري آهي، جڏهن ته ڊسمبر ۾ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي. شروعاتي مرحلي ۾ 30 پنڪ اي وي ٽيڪسين لاءِ عورت ڊرائيورن کي تربيت ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں