پاڪستان ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ رابطي جي لاءِ پُل جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

رياض - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ رابطي جي لاءِ پُل جي حيثيت رکي ٿو، حڪومت اقتصادي سڌارن، مالياتي نظم ۽ ضبط، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل تبديلي، روانگي واپار جي فروغ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، نوجوان افرادي قوت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ ترقي تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

رياض – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ رابطي جي لاءِ پُل جي حيثيت رکي ٿو، حڪومت اقتصادي سڌارن، مالياتي نظم ۽ ضبط، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل تبديلي، روانگي واپار جي فروغ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، نوجوان افرادي قوت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ ترقي تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي موقعي تي عالمي اقتصادي فورم جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بورگي بغينڊي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات عالمي اقتصادي فورم جي قيادت جي درخواست تي ٿي جنهن جو مقصد وزيراعظم کي ايندڙ سال جنوري ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي باضابطا شرڪت جي دعوت ڏيڻ هو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عالمي اقتصادي فورم جي وچ ۾ مضبوط رابطن کي ساراهيو ۽ فورم جي عالمي سطح تي ڪاروباري ۽ جدت پسند نيٽ ورڪ سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. 2026ع جي عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي دعوت جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڊيووس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ڀرپور نمائندگي ڪندو. پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان وزيراعظم حڪومت جي اقتصادي سڌارن جو ذڪر ڪيو ۽ گذريل 18 مهينن ۾ بهتر ميڪرو اقتصادي انگن اکرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي استحڪام، مالياتي نظم ۽ ضبط، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل تبديلي، روانگي واپار جي فروغ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، نوجوان افرادي قوت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ ترقي تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم پاڪستان جي زرعي معيشت جي لاءِ انتهائي ضروري غذائي تحفظ جي مضبوط نظام تي عالمي اقتصادي فورم جي حصيداري جي آجيان ڪئي ۽ خوشحالي جي لاءِ امن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ اهم پُل جي حيثيت رکي ٿو. بورگي بغينڊي عالمي اقتصادي فورم سان پاڪستان جي فعال ڪردار تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو گڏيل طور تي فائديمند حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مسلسل حمايت جي لاءِ پراميد آهن.