اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي نئين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته نوان چونڊيل ميمبر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عظيم خطي جي تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا جڏهن ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سمورا وسيلا فراهم …
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت سمورا وسيلا فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي نئين چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي نئين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته نوان چونڊيل ميمبر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عظيم خطي جي تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا جڏهن ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪندي، آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي عنصرن کي انتهائي سنجيدگي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پيدا ٿيل صورتحال جي ڏس ۾ خارجي اشارن تي پاڪستان ۽ ڪشمير ڪاز جي خلاف متحرڪ عنصرن جي خلاف ڪارروائي لازمي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي نئين چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي 4 نئين چونڊيل ميمبرن چوڌري لطيف اڪبر، مشتاق منهاس، چوڌري سعيد ۽ چوڌري منظور پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي نئين چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هي ڪائونسل آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ کيس بطور سربراهه ڪائونسل ان پُل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت ڪندا ته جيئن چونڊن ۾ عوام پاران ڏنل مينڊيٽ کي سچي دل سان عملي جامعو پارائي سگهجي ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو دور اچي. وزيراعظم پاڪستان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم تي زور ڀريو ته اهي عظيم خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان استعمال ڪن ۽ عوام جا مسئلا مشاورت ۽ گڏيل تعاون سان حل ڪن. هن يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت سمورا وسيلا فراهم ڪندي ته جيئن آزاد ڪشمير جي ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ سگهه ملي ۽ تعليم، علاج ۽ ٻيون سهولتون عوام جي درن تي پهچائي سگهجن، سماجي ۽ معاشي ترقي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪنداسين. وزيراعظم آزاد ڪشمير ۾ تازي مهينن جي ڪجهه افسوسناڪ واقعن تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته احتجاجي عنصرن کي انتهائي سنجيدگي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته مظفرآباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان ڳالهه تي به مشاورت ٿي ته چونڊن کانپوءِ نئين چونڊيل اسيمبلي پاران قانونسازي جو احترام ڪيو ويندو جڏهن ته بدقسمتي سان ان نيڪ مشوري کي قبول نه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته صورتحال جي ڏس ۾ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪيو ڇو ته خارجي اشارن تي پاڪستان ۽ ڪشمير ڪاز جي خلاف متحرڪ عنصرن جي خلاف ڪارروائي فرض هو. هن چيو ته گذريل سال معرڪه حق ۾ پاڪ فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دليراڻي قيادت ۾ دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جنهن کي هو سدائين ياد رکندو. وزيراعظم ان حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ فوج ۽ چيف آف ڊفينس فورسز کي مبارڪباد ڏني. هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي ميمبرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪباد ڏيندي يقين ڏياريو ته گڏجي آزاد ڪشمير جي خوشحالي ۽ ترقي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ قائد ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ اهڙا قدم کنيا ويندا جن کي آزاد ڪشمير جي عوام ايندڙ وقتن ۾ سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله آزاد ڪشمير ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو انقلاب ايندو. تقريب ۾ آزاد ڪشمير جي صدر محمد نجيب نقي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم افتخار گيلاني، آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي.











