اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق پ پ پ چيئرمين آزاد ڪشمير ۾ پ پ پ جي نئين سر تنظيم سازي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پ پ پ چيئرمين …
بلاول ڀٽو زرداري جي آزاد ڪشمير ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق پ پ پ چيئرمين آزاد ڪشمير ۾ پ پ پ جي نئين سر تنظيم سازي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پ پ پ چيئرمين نئين سر تنظيم سازي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جي ميمبرن ۾ سيد نيئر حسين بخاري، همايون خان، نديم افضل چن ۽ عاجز ڌامراهه شامل آهن. ڪميٽي آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن جو دورو ڪندي ۽ پارٽي ڪارڪنن سان مشاورت ڪندي. مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ بعد ڪميٽي پنهنجون سفارشون پ پ پ چيئرمين کي پيش ڪندي ته جئين ان تي وڌيڪ غور ڪري سگهجي.












