پاڪستان جي روانگي واپار جي ترقي لاءِ مضبوط قومي برانڊنگ ضروري آهي: احسن اقبال

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي خودمختياري جو دارومدار گهٽ قدر وارين جنسن جي روانگي واپار کان اعليٰ قدر وارين ۽ منفرد شين جي روانگي واپار ڏانهن منتقلي تي آهي، جنهن لاءِ مضبوط قومي ۽ واپاري برانڊنگ ضروري آهي. هو اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن …

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي خودمختياري جو دارومدار گهٽ قدر وارين جنسن جي روانگي واپار کان اعليٰ قدر وارين ۽ منفرد شين جي روانگي واپار ڏانهن منتقلي تي آهي، جنهن لاءِ مضبوط قومي ۽ واپاري برانڊنگ ضروري آهي. هو اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي فليگ شپ قدمن نيشنل سينٽر فار برانڊ ڊولپمينٽ (اين سي بي ڊي) جي انتظام هيٺ ” نيشنل برانڊنگ، پاڪستان جي وڌندڙ سافٽ پاور ۽ برانڊ جي بنياد تي ٻڌل روانگي واپار“ جي موضع تي اعليٰ سطحي اسٽيڪ هولڊرز گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير پاڪستان ۽ خطي جي ٻين معيشتن وچ ۾ روانگي واپار جي فرق کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان جو روانگي اوپار 1990ع کان اٽڪل 40 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ رهيو آهي، جڏهن ته ويٽنام جو روانگي واپار اٽڪل 475 ارب ڊالرن پهچي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان اعليٰ معيار جي عالمي سطح جي مصنوعات تيار ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، جن ۾ اعليٰ معيار جون ٽيڪسٽائل شيون، سرجري جا اوزار، راندين جو سامان ۽ فيفا ورلڊ ڪپ جا فٽ بال پڻ شامل آهن، جڏهن ته گهڻيون پاڪستاني شيون پرڏيهي برانڊن جي تحت وڪرو ٿيڻ سبب انهن جي حقيقي قدر جو وڏو حصو ملڪ کي حاصل نٿو ٿئي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي عالمي برانڊز لاءِ صرف شيون تيار ڪندڙ ملڪ تائين محدود رهڻ بدران پنهنجي اهڙن عالمي برانڊز تيار ڪرڻيون پونديون، جيڪي عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني سڃاڻپ سان سڃاتيون وڃن. هن چيو ته اسان جي صنعت عالمي معيار جون شيون تيار ڪري ٿي، هاڻي اسان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته عالمي مارڪيٽن ۾ انهن شين تي پاڪستان جو نالو ۽ سڃاڻپ نمايان هجي. وفاقي وزير چيو ته نيشنل سينٽر فار برانڊ ڊولپمينٽ مقامي صنعتن کي ملڪي مارڪيٽ کان سڌي ريت عالمي روانگي واپار ڏانهن منتقلي ۾ مدد فراهم ڪندو ۽ هڪ مضبوط ۽ متحد ”ميڊ ان پاڪستان“ سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي قومي برانڊ حڪمت عملي ملڪ جي پيداواري صلاحيت، راندين، ثقافت، فن ۽ سافٽ پاور جي ٻين ذريعن کي ضم ڪندي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تصوير ۽ مقابلي کي مضبوط بڻايو ويندو. احسن اقبال چيو ته قومي برانڊنگ حڪمت عملي ”نيشن برانڊ لينز“ تحت 7 بنيادي ٿنڀن تي ٻڌل هوندي، جن ۾ ثقافت، روانگي واپار، گورننس، سفارتڪاري ۽ دفاع، تفريح، سياحت ۽ رانديون شامل آهن. هن چيو ته اهي گڏيل شعبا پاڪستان جي عالمي سڃاڻپ، طاقت ۽ سافٽ پاور جا اهم ذريعا آهن ۽ هڪ متحد ۽ مقابلي واري پاڪستاني برانڊ جو بنياد فراهم ڪندا. گول ميز ڪانفرنس ۾ ماهرن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز پاڪستان جي جامع قومي برانڊنگ مهم، ملڪي برانڊ جي ڪهاڻي ۽ عالمي نعري جي جوڙجڪ لاءِ تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن پاڪستاني شين ۽ خدمتن لاءِ عوامي اعتماد ۽ ترجيح کي هٿي ڏيڻ، برآمدي ذهنيت کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستاني برانڊز جي ترقي لاءِ هڪ مضبوط بنياد قائم ڪرڻ جي طريقن تي پڻ غور ڪيو. ڪانفرنس ۾ برانڊ جي ماپ، قومي برانڊ پاليسي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي تصوير کي اثرائتي طريقي سان بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن تي ماهرن جي راءِ طلب ڪئي وئي، ان کان علاوه پاڪستان جي ملڪي برانڊ فريم ورڪ تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي. بحث ۾ هڪ متحد ۽ اعتماد جوڳي ملڪي برانڊ ذريعي دنيا کي پاڪستان جي شين، ماڻهن ۽ جڳهن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ هڪ مربوط قومي ڪوشش جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. وفاقي وزير چيو ته نيشنل سينٽر فار برانڊ ڊولپمينٽ جو قيام پاڪستان جي قومي برانڊنگ ڪوششن ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان قائم اداراتي خال کي پورو ڪري ٿو. منصوبابندي واري وزارت جي تحت قائم ڪيل، هي سينٽر پاڪستان جي عالمي برانڊ ايڪوٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ مرڪزي پليٽ فارم طور ڪم ڪندو ۽ سڌو سنئون ”اُڏام پاڪستان“ جي مقصدن سان هم آهنگ آهي، خاص طور تي روانگي واپار ۽ ايڪوٽي ٿنڀ. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته هڪ مضبوط قومي برانڊ پاڪستان جي عالمي مقابلي کي وڌائيندو ۽ روانگي واپار جي صلاحيتن کي مضبوط ڪندو، عالمي سطح تي تسليم ٿيل ڪاروبار جي پرورش ڪندو ۽ پائيدار معاشي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ حصو وٺندو.

مزید خبریں