اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سمورن جاري منصوبن کي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ ۽ قومي رستن، موٽرويز ۽ ايڪسپريس ويز جي تعمير کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي ملڪ جي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي معاملن تي جائزه اجلاس، قومي رستن، موٽرويز ۽ ايڪسپريس ويز جي حوالي سان جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سمورن جاري منصوبن کي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ ۽ قومي رستن، موٽرويز ۽ ايڪسپريس ويز جي تعمير کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي ملڪ جي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي معاملن تي هڪ جائزه اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي رستن، موٽرويز ۽ ايڪسريس ويز جي حوالي سان جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اچ وڃ جي ذريعن ۾ بهتري ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي ملڪ جي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن انهن علائقن جي عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن ۽ هتي ڪاروبار ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿي سگهن. وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي سمورن جاري منصوبن کي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. هن قومي رستن، موٽرويز ۽ ايڪسپريس ويز جي تعمير کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته گذريل مالي سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو 109 بلين رپين جو روينيو وڌي 130 بلين رپيا ٿي ويو ۽ هن مالي سال اهو روينيو 160 بلين رپيا ٿيڻ جي اميد آهي. اين ايڇ اي جي ڪيترن ئي منصوبن جي فنڊنگ اين ايڇ اي پاڻ پنهنجي روينيو مان ڪري رهيو آهي، انهن منصوبن ۾ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي ايم 12، کاريان – راولپنڊي موٽروي ايم 13، پشاور ناردرن باءِ پاس، جگلوٽ – اسڪردو روڊ (ايس 1) جي نئين سر تعمير، پنڊي ڀٽيان – فيصل آباد موٽروي (ايم 4) جي اپ گريڊيشن، اين فائيو ملتان – لوڌران اپ گريڊيشن، ليه – تونسه پل جي اپروچ روڊز جي تعمير جا منصوبا نمايان آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ايڪسپريس وي (اين 25) تي ڪم تيزي سان جاري آهي. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت 16 منصوبا تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهن ۽ جلد ئي افتتاح جي لاءِ بلڪل تيار ٿي ويندا. انهن منصوبن ۾ جي ٽي روڊ (اين – 5) ٽي چوڪ اسلام آباد کان بانٺ جي اپ گريڊيشن، جي ٽي روڊ (اين – 5) اسلام آباد چونگي نمبر 26 انٽرچينج جي ري ماڊلنگ، مرگلا ايونيو ايڪسٽينشن (جي ٽي روڊ (اين – 5) کان موٽروي ايم ون)، پنڊي ڀٽيان – فيصل آباد (ايم 4) جي اپ گريڊيشن، ڪوئيٽا ويسٽرن باءِ پاس، پنڊي گهيپ – جنڊ روڊ، سکر موٽروي (ايم 5) تي ڀونگ انٽرچينج، نوڪنڊي – ماشخيل روڊ جي تعمير، اولڊ بنون روڊ کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ، انڊس هاءِ وي (اين – 55) ۽ رتو ديرو – شڪارپور سيڪشن کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ، انڊس هاءِ وي (اين – 55) پيٽارو – سيوهڻ سيڪشن تي ايڊيشنل ڪيرج وي جا منصوبا شامل آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي منصوبن جي جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو جن ۾ کاريان – راولپنڊي موٽروي (ايم – 13)، سکر – حيدرآباد موٽروي (ايم – 6)، جي ٽي روڊ (اين – 5)، نوشهره – پشاور جي بحالي، جي ٽي روڊ (اين – 5) راولپنڊي – حسن ابدال جي نئين سر تعمير، قومي شاهراهه (اين – 5) مورو – هالا جي بحالي، قومي شاهراهه ( اين – 5) راڻيپور کان روهڙي جي نئين سر تعمير جا منصوبا شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ – کاريان موٽروي (ايم – 12) ۽ کاريان – راولپنڊي موٽروي (ايم – 13) پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سک مذهب جي مقدس جاين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جي حوالي سان گرُو نانڪ ايڪسپريس وي جو منصوبو غور هيٺ آهي جيڪو ڪرتارپور ۽ ننڪانه صاحب کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو. وڌيڪ اهو ته مانسهره کان چلاس ناران رستي ايڪسپريس وي جو منصوبو به تجويز ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري مانسهره ۽ چلاس جي وچ ۾ فاصلو 146 ڪلوميٽر گهٽ ٿي ويندو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











