اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پيداواري سيڙپڪاري لاءِ ملڪي وسيلن سان گڏ عالمي ترقياتي ادارن جي مالي مدد مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس ايم ايز، ڪاروباري ماڻهو، زراعت ۽ هائوسنگ لاءِ ڊگهي مدي ۽ سستي مالي سهولتن تائين بهتر پهچ سان نجي سيڙپڪاري وڌندي، ڪاروبار کي سگهه ملندي ۽ پيداواري سرگرمين کي …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان آءِ ايف سي جي ريجنل ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز جي ملاقات، نجي شعبي جي ترقي، سيڙپڪاري ۽ مالي سهولتن تائين پهچ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پيداواري سيڙپڪاري لاءِ ملڪي وسيلن سان گڏ عالمي ترقياتي ادارن جي مالي مدد مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس ايم ايز، ڪاروباري ماڻهو، زراعت ۽ هائوسنگ لاءِ ڊگهي مدي ۽ سستي مالي سهولتن تائين بهتر پهچ سان نجي سيڙپڪاري وڌندي، ڪاروبار کي سگهه ملندي ۽ پيداواري سرگرمين کي هٿي ملندي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن هتي آءِ ايف سي جي پاڪستان، افغانستان، جمهوريه ڪرغز، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان جي ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز سان ملاقات ۾ چئي. آءِ ايف سي پاڪستان جي پرنسپل ڪنٽري آفيسر ناز خان پڻ ان موقعي تي موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي، سيڙپڪاري ۽ مالي سهولتن تائين پهچ لاءِ آءِ ايف سي جي جاري ۽ امڪاني مدد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير آءِ ايف سي جي نمائندن جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان سان خاص ڪري نجي شعبي لاءِ مالي مدد ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل معاشي ترقي جي حوالي سان آءِ ايف سي جي مسلسل ڀائيواري کي ساراهيو. هن ڪاروباري ماڻهن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار، زراعت، سستي رهائش، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري کي نجي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ اهم شعبا قرار ڏنا. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ بهتر ٿيندڙ معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد کي اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت هاڻي انهن ڪاميابين کي وڌيڪ سيڙپڪاري، سرمائي جي جوڙجڪ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ پائيدار معاشي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ملڪي ۽ عالمي نجي سيڙپڪاري لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ مالي سهولتن تائين پهچ وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. آءِ ايف سي جي نمائندن ناڻي واري وزير کي ڪاروباري ماڻهن لاءِ هڪ نئون فنڊ قائم ڪرڻ ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، جيڪو لاڳاپيل حصيدارن جي تعاون سان تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان ۾ نون ڪاروبار ۽ اسٽارٽ اپ کي هٿي ڏئي سگهجي. هن سستي رهائش جي شعبي ۾ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو جتي تعميراتي منصوبن لاءِ مالي مدد ذريعي گهرن جي فراهمي جي امڪانن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. زرعي شعبي ۾ ڳالهه ٻولهه آءِ ايف سي جي ايگري ڪنيڪٽ قدمن تي رهي. ان ۾ زرعي شين کي محفوظ رکڻ جي بهتر سهولتن ۽ اليڪٽرانڪ ويئر هائوس رسيدن کي ضمانت طور استعمال ڪندي هارين ۽ زرعي شعبي لاءِ نجي قرضن ۽ سيڙپڪاري تائين پهچ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير زرعي شعبي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ قرض ڏيندڙ ادارن ۽ هارين لاءِ وڌيڪ اعتماد ۽ سهولت پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري پڻ ملاقات جو هڪ اهم موضوع رهي. آءِ ايف سي صوبائي حڪومتن سان پاڻي ۽ بجلي جي شعبن ۾ جاري ڪم بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ پاڻي جي معيار ۽ محفوظ فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ ميٽرنگ نظام کي جديد بڻائڻ جا قدم شامل آهن. ان موقعي تي نجي شعبي جي حصيداري سان خدمتن کي بهتر بڻائڻ، نقصان گهٽائڻ ۽ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير ۽ آءِ ايف سي مقامي ڪرنسي ۾ قرضن ۽ مالي مدد جا موقعا وڌائڻ ۽ نجي شعبي جي منصوبن لاءِ ڊگهي مدي جي مالي وسيلن جي فراهمي بهتر بڻائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽر محمد اورنگزيب پيداواري سيڙپڪاري لاءِ ملڪي وسيلن سان گڏ عالمي ترقياتي ادارن جي مدد مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن انهن شعبن لاءِ نوان مالياتي حل تيار ڪرڻ ۽ نجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيو. ڌرين نجي شعبي لاءِ مدد، سيڙپڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن مالي سهولتن تائين پهچ وڌائڻ، نئين ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي پائيدار ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل معاشي ترقي لاءِ ملڪي ۽ عالمي نجي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي.











