اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي کيس پاڪستان جي جديد، خودڪار ۽ فعال ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو معائنو ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل …
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز جو دورو، پاڪستان جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ماڊل ۽ ارلي وارننگ نظام جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي کيس پاڪستان جي جديد، خودڪار ۽ فعال ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو معائنو ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ سينٽر جي فعال ڪردار سميت پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ خطرن جي اڳواٽ تدارڪ جي مڪينزم جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو. بريفنگ دوران اين ڊي ايم اي عملدارن نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جي جديد ايڪسٽينشنز يعني “نيڪسٽ جنريشن ٽيڪنالاجي” ۽ “گلوبل ريزيلينس حب” جي مقصدن کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري کي ٻڌايو ويو ته نيڪسٽ جنريشن ٽيڪنالاجي منصوبي تحت اين ڊي ايم اي مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ ۽ جديد ڊيٽا ايناليٽڪس سسٽمز کي استعمال ۾ آڻي رهيو آهي جنهن سان آفتن جي وقت کان اڳ تشخيص، اڳواٽ تياري ۽ ريسپانس جي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو. ان کانسواءِ “گلوبل ريزيلينس حب” جي ذريعي علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ اداراجاتي تعاون کي نئين سگهه ملندي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي جي ٽيڪنيڪي ٽيم ملڪي ۽ علائقائي سطح تي امڪاني خطرن جو احاطو ڪندڙ جامع رپورٽ “نيشنل اينڊ گلوبل ڊيزاسٽر لينز 27 – 2026ع” تي پڻ بريفنگ ڏني. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اهو ڊيزاسٽر لينز جديد ترين ڊيٽا ۽ سائنسي تجزياتي صلاحيتن جي ذريعي قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ وقت سر حفاظتي قدم کڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۾ آفتن جي تدارڪ، جديد ارلي وارننگ سسٽم ۽ وقت کان اڳ حفاظتي تيارين جي لاءِ اين ڊي ايم اي جي قدمن کي ساراهيو. هن موسمياتي تبديلين ۽ تيزي سان وڌندڙ ماحولياتي خطرن جي موثر خاتمي جي لاءِ ٺوس عالمي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. دوري جي پڄاڻي تي پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي، ارلي وارننگ، فلاحي منصوبن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا جي ذريعي عالمي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











