نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ملاقات

رياض - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه اڱاري ڏينهن رياض ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن، عزه جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي لاءِ …

رياض – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه اڱاري ڏينهن رياض ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن، عزه جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن سمورن شعبن ۾ پاڪ – سعودي گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم فيصل بن فرحان ۽ سعودي عرب جي قيادت کي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ زبردست مهمان نوازي تي انهن جا ٿورا ادا ڪيا.