اسلام آباد - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سياسي معاملن واري انچارج فريال ٽالپر ايوان صدر ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي ۽ موجوده سياسي صورتحال تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ فريال ٽالپر جي وچ …
آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر جي ملاقات
اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سياسي معاملن واري انچارج فريال ٽالپر ايوان صدر ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي ۽ موجوده سياسي صورتحال تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ فريال ٽالپر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران اڳوڻو صلاحڪار چوڌري رياض، صدارتي صلاحڪار سردار امتياز خان ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.











