اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جمهوريت جي بقا ڪارڪردگي، نمائندگي ۽ شفافيت سان مشروط آهي، عوام جي خدمت ۽ اعتماد جي بحالي بنا جمهوري نظام مضبوط نٿو ٿي سگهي. هن قومي ڪانفرنس جنهن جو عنوان سوشل ڊيموڪريسي، مقامي ۽ عالمي جهت کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڏام پاڪستان ويزن ملڪ کي معاشي …
جمهوريت جي بقا ڪارڪردگي، نمائندگي ۽ شفافيت سان مشروط آهي: احسن اقبال
اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جمهوريت جي بقا ڪارڪردگي، نمائندگي ۽ شفافيت سان مشروط آهي، عوام جي خدمت ۽ اعتماد جي بحالي بنا جمهوري نظام مضبوط نٿو ٿي سگهي. هن قومي ڪانفرنس جنهن جو عنوان سوشل ڊيموڪريسي، مقامي ۽ عالمي جهت کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڏام پاڪستان ويزن ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط، جديد ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو منصوبو آهي. وفاقي وزير چيو ته مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ بنا جمهوريت مستحڪم نٿي ٿي سگهي، اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي بنا عوامي شموليت ممڪن ناهي. هن چيو ته عورتن ۽ نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڇو ته اهي طبقا ملڪ جي مستقبل جي قيادت ڪندا. پروفيسر احسن اقبال ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شفاف احتساب جو نظام جمهوريت جو مستقل ۽ لازمي جُزو آهي. هن چيو ته احتساب سياسي انتقام نه پر اداراجاتي شفافيت ۽ اعتماد جو بنياد هجڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽلائزيشن ذريعي گورننس ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو پيو وڃي. هن پهرين ڊجيٽل آدم شماري کي اي- پاڪستان جي سنگ ميل منصوبي طور قرار ڏنو جيڪو شفاف پاليسي سازي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. احسن اقبال چيو ته جمهوري نظام کي 21 هين صدي جي تيز رفتار سماجي ۽ ٽيڪنالاجيڪل تبديلين سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته 20 صدي جو جمهوري ماڊل دنيا جي مختلف حصن ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي، ان لاءِ جمهوريت کي نئين چئلنجز مطابق جديد رخن تي استوار ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته عوام پهرين کان وڌيڪ باخبر ۽ بااختيار ٿي چڪو آهي، ان لاءِ هاڻي پاليسين ۽ ادارن ۾ عوامي شموليت ۽ سڌارا ضروري آهن. وفاقي وزير چيو ته جرمني سان مضبوط حصيداري پاڪستان جي قومي پاليسي جو حصو آهي ۽ ٻئي ملڪ سماجي جمهوريت، اقتصادي سهڪار ۽ پائيدار ترقي لاءِ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيا آهن.











