وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران پرفارمنگ آرٽس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سيد عارف جعفري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پرفارمنگ آرٽس نيشنل آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سيد عارف جعفري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سيد عارف جعفري، پاڪستان ۾ موسيقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون، ان جو شمار ملڪ جي مشهور بانسري وڄائيندڙن ۾ …

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پرفارمنگ آرٽس نيشنل آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سيد عارف جعفري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سيد عارف جعفري، پاڪستان ۾ موسيقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون، ان جو شمار ملڪ جي مشهور بانسري وڄائيندڙن ۾ ٿيندو هو. مرحوم موسيقي جي اعليٰ تعليم پرڏيهه مان حاصل ڪئي ۽ پنهنجي فني مهارت ذريعي نوجوان نسل کي متاثر ڪيو. اورنگزيب خان کچي چيو ته مرحوم جون فني خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت سيد عارف جعفري جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته سيد عارف جعفري جو لاڏاڻو فن جي شعبي لاءِ وڏو نقصان آهي. مرحوم سيد عارف جعفري مشهور مصنف به هو ۽ هن جي تصنيف” ايشين ميوزڪ“ موسيقي جي شاگردن ۽ ماهرن لاءِ قيمتي اثاثو سمجهي ويندي آهي.