شامي پرڏيهي وزارت جو وفد قونصلر خدمتن جي بحالي لاءِ روس روانو

دمشق- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) شام جي عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزارت جو هڪ وفد قونصلر خدمتن جي بحالي تي ڪم ڪرڻ لاءِ روس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت جي هڪ نمائندي ٻڌايو ته وفد کي قونصلر ۽ انتظامي خدمتن جي بحالي لاءِ جامع عملي منصوبا تيار ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي ته جيئن سڀ معاملا بنا رڪاوٽ جاري رهن. پرڏيهي وزارت مطابق وفد …

دمشق- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) شام جي عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزارت جو هڪ وفد قونصلر خدمتن جي بحالي تي ڪم ڪرڻ لاءِ روس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت جي هڪ نمائندي ٻڌايو ته وفد کي قونصلر ۽ انتظامي خدمتن جي بحالي لاءِ جامع عملي منصوبا تيار ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي ته جيئن سڀ معاملا بنا رڪاوٽ جاري رهن. پرڏيهي وزارت مطابق وفد جو مقصد روس ۾ شامي سفارتي مشن جي ڪم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ شهرين کي قونصلر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. ياد رهي ته ڊسمبر 2024ع ۾ شام ۾ اقتادر جي تبديلي کانپوءِ ماسڪو ۾ عرب جمهوريه شام جي سفارتخاني جي عمارت تي نئون قومي جهنڊو ڦرڪايو ويو هو. سفارتي مشن، ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو هو ته هو معمول مطابق پنهنجو ڪم جاري رکندو.