ڪراچي- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان انڊونيشيا جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل مدذاڪر گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجا سفارتي ڪاغذ پيش ڪيا. ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سنڌ جي صنعتڪارن لاءِ انڊونيشيائي منڊي ۽ واپاري گهُرجن کان آگاهي وقت جي اهم ضرورت آهي. ملاقات ۾ گڏيل واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ …
سنڌ جي گورنر سان انڊونيشيا جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان انڊونيشيا جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل مدذاڪر گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجا سفارتي ڪاغذ پيش ڪيا. ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سنڌ جي صنعتڪارن لاءِ انڊونيشيائي منڊي ۽ واپاري گهُرجن کان آگاهي وقت جي اهم ضرورت آهي. ملاقات ۾ گڏيل واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قونصل جنرل مدذاڪر گورنر هائوس جي مرڪزي گيٽ تي لڳل ”اميد جي گهنٽي“ جو معائنو ڪيو ۽ گهنٽي وڄائي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. قونصل جنرل چيو ته گورنر جي سرپرستي هيٺ آءِ ٽي ڪورسز نوجوانن کي بااختيار ۽ پاڻڀرو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. بعد ۾ قونصل جنرل گورنر هائوس ۾ واقع قائداعظم محمد علي جناح رح جي تاريخي آفيس جو دورو ڪيو، قائداعظم جي استعمال هيٺ شين جو مشاهدو ڪيو ۽ انهن کي قومي ورثو قرار ڏنو. هن وڻڪاري مهم تحت هڪ ٻوٽو لڳايو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.











