جانورن جي بيمارين لاءِ پرڏيهه مان دوائون گهرائڻ سميت مقامي سطح تي به دوائون تيار ڪيُون وڃن ٿيُون : صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت عالمي بينڪ جي سهڪار سان شروع ٿيل سڀني منصوبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان صوبي جي ترقي سميت منصوبن جي شفافيت کي اهميت ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس جي ايس پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي انتظاميا سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو. ان …

ڪراچي- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت عالمي بينڪ جي سهڪار سان شروع ٿيل سڀني منصوبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان صوبي جي ترقي سميت منصوبن جي شفافيت کي اهميت ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس جي ايس پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي انتظاميا سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ۾ عالمي بينڪ جي منصوبن سميت ٻين هلندڙ سڀني ترقياتي منصوبن ۾ ڪم ايندڙ مشينري ۽ دوائن جي خريداري ۾ شفافيت رهي ۽ انهن جو معيار عالمي سطح جو هجي، ان لاءِ صاف ۽ شفاف منصوبا تيار ڪري رهيا آهيون. هن چيو اسان جون جديد ليب ٺهي رهيون آهن ۽ اسان جانورن جي بيمارين لاءِ پرڏيهه مان دوائون گهرائيندا آهيون ۽ مقامي سطح تي به ڪجهه دوائون تيار ڪريون ٿا، انهن جو معيار عالمي سطح جو هجڻ گهرجي جيئن اسان جانورن ۾ ايندڙ هر بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون. هن چيو ته اسان ايس جي ايس سان اهڙو معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن سان انهن سڀني شين جي انسپيڪشن، معيار، ڪوالٽي ۽ تعداد جو مڪمل جائزو وٺي سگهون. ان لاءِ ايس جي ايس پنهنجا وسيلا استعمال ڪري اسان کي انهن سڀني ضروري شين ۾ پنهنجي تجربي جي حساب سان معيار جو تعين ڪري ڏئي، جيئن اسان پنهنجي منصوبن ۾ شفافيت جو مثال قائم ڪري سگهون. اجلاس ۾ ايس جي ايس ماهرن جي وفد صوبائي وزير کي پنهنجي طرفان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن اندر هلندڙ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ کيس يقين ڏياريو ته هو لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ۾ عالمي بينڪ جي تعاون سان هلندڙ ترقياتي منصوبن ۽ ٻين ننڍن وڏن منصوبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا، جن سان منصوبن جي ڪارڪردگي ۽ عالمي سطح جي اصولن کي نظر ۾ رکي سڀني شين جي جاچ ڪري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي کي رپورٽ ڏيندا.

مزید خبریں