اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان جي ڳالهين جي ٽئين مرحلي جي ٽئين ڏينهن ڳالهيون 18 ڪلاڪ تائين جاري رهيون، ان دوران افغان طالبان جي وفد ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي خوارج (ٽي ٽي پي) ۽ دهشتگردي خلاف تصديق ٿيل ۽ يقيني ڪارروائي جي منطقي ۽ جائز مطالبي سان اتفاق ڪيو. ذريعن مطابق ميزبانن جي موجودگي ۾ به افغان وفد ان مک مسئلي کي …
استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان ڳالهين جو ٽيون مرحلو
اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان جي ڳالهين جي ٽئين مرحلي جي ٽئين ڏينهن ڳالهيون 18 ڪلاڪ تائين جاري رهيون، ان دوران افغان طالبان جي وفد ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي خوارج (ٽي ٽي پي) ۽ دهشتگردي خلاف تصديق ٿيل ۽ يقيني ڪارروائي جي منطقي ۽ جائز مطالبي سان اتفاق ڪيو. ذريعن مطابق ميزبانن جي موجودگي ۾ به افغان وفد ان مک مسئلي کي تسليم ڪيو، جڏهن ته هر ڀيري ڪابل مان ملندڙ هدايتن سبب افغان طالبان جي وفد جو موقف تبديل پئي ٿيو. ڳالهين دوران ڪابل مان ملندڙ غير منطقي ۽ ناجائز مشورا ئي ڳالهين جو بي نتيجا رهڻ جا ذميوار آهن جڏهن ته پاڪستان ۽ ميزبان انتهائي مدبراڻي سنجيده انداز سان هاڻي به ان پيچيده معاملن کي حل ڪرڻ چاهين ٿا. ذريعن مطابق اڃان به هڪ آخري ڪوشش جاري آهي ته طالبان جي هٺ ڌرمي جي باوجود ڪنهن به ريت ان معاملي کي منطق ۽ ڳالهين وسيلي حل ڪيو وڃي ۽ ڳالهيون آخري مرحلي طرف وڌي رهيون آهن.











