پاڪستان مان پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: قومي صحت وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان مان پوليو جو خاتمو پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو پختو عزم ڪيو آهي. قومي صحت وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو اوور سائيٽ بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪرس ايلس ۽ ڊبليو ايڇ او جي …

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان مان پوليو جو خاتمو پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو پختو عزم ڪيو آهي. قومي صحت وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو اوور سائيٽ بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪرس ايلس ۽ ڊبليو ايڇ او جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي سان ملاقات دوران ڪيو. هن پوليو جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪاميابي لاءِ اُثرائتي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي پوليو جي روڪٿام واريون مهمون منعقد ڪيون پيون وڃن. ڏکڻ خيبر پختونخوا، وچولي پاڪستان ۽ ڪراچي سميت هاءِ رسڪ ضلعن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن جي مدد سان انڪاري ڪيسز ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. پوليو پروگرام ۽ حفاظتي ٽُڪن جي پروگرام وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ هٿي وٺرائي پئي وڃي. پاڪستان حڪومت حفاظتي ٽُڪن جي ڪوريج مضبوط بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي پوليو اوور سائيٽ بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪرس ايلس، پوليو خلاف پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ هر سطح تي ڀرپور سهڪار جاري رکيو ويندو.