رياض - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي تعاون جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن تحت اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي شعبن ۾ ڪيترن ئي اسٽريٽجڪ ۽ اعليٰ اثر رکندڙ منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي توانائي، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ غذائي تحفظ سميت ترجيحي شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …
پاڪستان ۽ سعودي عرب پاران اقتصادي تعاون جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق: وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامو
رياض – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي تعاون جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن تحت اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي شعبن ۾ ڪيترن ئي اسٽريٽجڪ ۽ اعليٰ اثر رکندڙ منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي توانائي، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ غذائي تحفظ سميت ترجيحي شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ جاري گڏيل پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ 27 آڪٽوبر 2025ع تي رياض ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. اها اڳڀرائي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ اٽڪل 8 ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي حصيداري جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت کي متحد ڪندڙ ڀائيچاري ۽ اسلامي يڪجهتي جي مضبوط رشتي جي عڪاسي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فريم ورڪ ٻنهي ملڪن جي گڏيل اقصادي مفادن تي ٻڌل ۽ انهن جي تڪميل جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ آهي. فريم ورڪ تحت اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي شعبن ۾ ڪيترن ئي اسٽريٽجڪ ۽ اعليٰ اثر رکندڙ منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، نجي شعبي جي اهم ڪردار کي وڌائڻ ۽ واپاري مٽاسٽا کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. فريم ورڪ جي ترجيحي شعبن ۾ توانائي، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ غذائي تحفظ شامل آهي. پڌرنامي موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب هن وقت ڪيترن ئي گڏيل اقتصادي منصوبن جي حوالي سان تعاون تي ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بجلي جي پهچ (اليڪٽريسٽي انٽر ڪنڪشن) جي منصوبن جي لاءِ مفاهمتي يادداشت ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون پڻ شامل آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فريم ورڪ گڏيل ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قدمن جي عڪاسي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پائيدار حصيداري جي تعمير جي لاءِ گڏيل ويزن جي توثيق ڪري ٿو. فريم ورڪ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ ڀائر عوام جي امنگن جي ترجماني ۽ گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي تڪميل جي خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سعودي پاڪستاني سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيڻ جا پڻ منتظر آهن.











