ڪوالالمپور- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا ۾ منعقد آسيان سربراهي اجلاس جي موقعي تي چين - آسيان فري ٽريڊ ايريا 3.0 اپ گريڊ پروٽوڪول تي باضاطه صحيحيون ڪري ڇڏيون.سي جي ٽي اين مطابق اهي صحيحيون 28 آڪٽوبر تي ملائشيا ۾ منعقد 47 هين آسيان سربراهي اجلاس دوران ڪيون ويون. آسيان فري ٽريڊ ايريا 3.0 اپ گريڊيشن جي حوالي سان ڳالهيون نومبر 2022ع کان آڪٽوبر 2024ع تائين جاري رهيون .3.0 …
چين – آسيان فري ٽريڊ ايريا 3.0 اپ گريڊ پروٽوڪول تي باضابط صحيحيون
ڪوالالمپور- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا ۾ منعقد آسيان سربراهي اجلاس جي موقعي تي چين – آسيان فري ٽريڊ ايريا 3.0 اپ گريڊ پروٽوڪول تي باضاطه صحيحيون ڪري ڇڏيون.سي جي ٽي اين مطابق اهي صحيحيون 28 آڪٽوبر تي ملائشيا ۾ منعقد 47 هين آسيان سربراهي اجلاس دوران ڪيون ويون. آسيان فري ٽريڊ ايريا 3.0 اپ گريڊيشن جي حوالي سان ڳالهيون نومبر 2022ع کان آڪٽوبر 2024ع تائين جاري رهيون .3.0 ورزن جو اپ گريڊ پروٽوڪول موجوده چين – آسيان فري ٽريڊ ايگريمينٽ ۽ ريجنل ڪامپريهينسو اڪنامڪ پارٽنرشپ ايگريمينٽ (آر سي اي پي) جي بنياد تي جديد اڀرندڙ شعبن ۾ گڏيل مفاد تي سهڪار کي مڪمل طور تي هٿي وٺرائي ٿو. معيارن ۽ قاعدن ۾ گڏيل رابطن ۽ هم آهنگي کي مضبوط ڪري ٿو ۽ علائقائي واپار جي سهولت ۽ جامع ترقي کي به هٿي ڏي ٿو.








