سعودي عرب جي ولي عهد سان مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ ٻين عالمي اڳواڻن جون ملاقاتون

رياض- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ڪوسوو جي صدر وجوسا عثماني، بلغاريه جي صدر رومن راديو ۽ مونٽي نيگرو جي وزيراعظم ميلو جوڪانووچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب موريطانيه جي صدر محمد ولد الشيخ القرواني، راونڊا جي صدر پال ڪاگامي ۽ البانيه جي وزيراعظم ايڊي راما به سعودي ولي عهد سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ …

رياض- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ڪوسوو جي صدر وجوسا عثماني، بلغاريه جي صدر رومن راديو ۽ مونٽي نيگرو جي وزيراعظم ميلو جوڪانووچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب موريطانيه جي صدر محمد ولد الشيخ القرواني، راونڊا جي صدر پال ڪاگامي ۽ البانيه جي وزيراعظم ايڊي راما به سعودي ولي عهد سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ سهڪار جي رخن جو جائزو ورتو ويو. اهي ملاقاتون رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو جي موقعي تي ٿيون. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ عالمي اڳواڻ سعودي گادي واري هنڌ پهتل آهن. ياد رهي ته رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو(ايف آءِ آءِ 9 ) ڪانفرنس جي شروعات 27 آڪٽوبر کان ٿي آهي جيڪا 30 آڪٽوبر 2025 ع تائين رياض جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندي. ڪانفرنس جو عنوان خوشحالي جي ڪنجي ترقي جون نيون سرحدون کولڻ آهي. ان ۾ عالمي اڳواڻ، سيڙپڪار ۽ ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ 8 هزار کان به وڌيڪ شرڪت ڪندڙ، 650 کان به وڌيڪ اسپيڪرز، 250 سيشنز ۾ گڏ ٿي مستقبل جي حوالي سان مختلف عنوانن ۾ آزاد واپار جي جاگرافيائي سياسي اثرن ۽ ٻين تي بحث ڪيو ويندو.