جڪارته- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ روس جي سفير سرگئي ٽولچينوف چيو آهي ته انڊونيشيا، روس کان تيل ۽ گيس جي خريداري ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ روس جي مختلف ڪمپنين سان ڳالهيون جاري آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي سفير انٽرويو ڏيندي چيو ته انڊونيشيا جيڪو تيل ۽ گيس جو نج امپورٽ ڪندڙ آهي، توانائي جي شعبي ۾ روس کان سهڪار جو خواهشمند …
انڊونيشيا روس کان تيل ۽ گيس جي خريداري ۾ دلچسپي رکي ٿو: روس
جڪارته- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ روس جي سفير سرگئي ٽولچينوف چيو آهي ته انڊونيشيا، روس کان تيل ۽ گيس جي خريداري ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ روس جي مختلف ڪمپنين سان ڳالهيون جاري آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي سفير انٽرويو ڏيندي چيو ته انڊونيشيا جيڪو تيل ۽ گيس جو نج امپورٽ ڪندڙ آهي، توانائي جي شعبي ۾ روس کان سهڪار جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اسان انڊونيشيا کي يقين ٿا ڏياريون ته روس ڪنهن به قسم جي توانائي يا پروسيس ٿيل مصنوعات فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ هو دلچسپي رکن ٿا. سرگئي ٽولچينوف چيو ته روس جي سرڪاري ايٽمي توانائي ڪمپني روس ايٽم انڊونيشيا ۾ ايٽمي توانائي جي شعبي ۾ به سهڪار جي امڪان تي غور ڪري رهيو آهي. هن چيو ته انڊونيشيا ۾ ايٽمي صنعت جي قيام جو عمل تڪميل ويجهو آهي جنهن سان مستقبل ۾ پرامن ايٽمي توانائي جي استعمال تي عملي سهڪار ممڪن ٿي سگهندو. روس جي سفير اميد ظاهر ڪئي ته انڊونيشيا ۾ وڏن ايٽمي بجلي گهرن يا ننڍن ماڊيولر ري ايڪٽرز جي تعمير ۾ روس جا ادارا سهڪار ڪندا.








