حيدرآباد-28 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ڊالڊا فائونڊيشن وچ ۾ سنڌ ۾ کاڄرو تيل (پام آئل) جي تحقيق ۽ ترقي کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحيون ڪيون آھن، جنھن سان ملڪ ۾ امپورٽ جي متبادل، زرعي جدت ۽ ڳوٺاڻي معيشت کي ھٿي ملندي. هي معاهدو يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ طئي ٿيو، جنهن جو مقصد سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ڊالڊا فائونڊيشن وچ ۾ کاڄرو تيل جي تحقيق ۽ ترقي لاءِ مفاهمتي معاھدي تي صحيحيون

مزید خبریں
حيدرآباد-28 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ڊالڊا فائونڊيشن وچ ۾ سنڌ ۾ کاڄرو تيل (پام آئل) جي تحقيق ۽ ترقي کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحيون ڪيون آھن، جنھن سان ملڪ ۾ امپورٽ جي متبادل، زرعي جدت ۽ ڳوٺاڻي معيشت کي ھٿي ملندي. هي معاهدو يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ طئي ٿيو، جنهن جو مقصد سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان شروع ڪيل پام آئل جي پائلٽ پروجيڪٽ کي جاري رکڻ ۽ ان کي وڌيڪ ڊيگھ ڏيڻ آهي. هن منصوبي لاءِ ٽنڊوڄام جي لطيف فارم جي 6 ايڪڙ زمين تي تجرباتي پلاٽ لڳايو ويندو، جتي سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ تجارتي سطح تي پام آئل جي پوکي لاءِ پائيدار ماڊل تيار ڪيو ويندو، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي موجودگيءَ ۾ معاهدي تي ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو ۽ ڊالڊا فائونڊيشن جي پروجيڪٽ مينيجر (ايگريڪلچر) وريندر ڪمار صحيحيون ڪيون. ان موقعي تي ڊين فئڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، فوڪل پرسن ڊاڪٽر الله وڌايو، بزنس انڪيوبيشن سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد سليم سرڪي سميت سينيئر فئڪلٽي ميمبر ۽ ماهر پڻ موجود هئا. معاهدي تحت يونيورسٽي فارم جا انتظام، اعليٰ سطحي تحقيق ۽ مقامي سطح تي پام آئل جي معاشي فائدن جي جاچ جي ذميواري سنڀاليندي ته جيئن پاڪستان لاءِ گھربل کاڄرو تيل جي امپورٽ کي گهٽائي سگهجي، ھي منصوبو پالينيشن جي نظام، انٽرڪراپنگ، جيئن ڪيلي ۽ ٻين فصلن سان گڏيل پوکي ڪرڻ ۽ ٽشو ڪلچر ٽيڪنالاجي ذريعي کاڄرو تيل جي ڪلون پيدائش کي ھٿي ڏيندو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته هيءَ ڀائيواري اڪيڊميا ۽ صنعتي لاڳاپن جي مضبوطي ۽ تحقيق تي ٻڌل زرعي تبديليءَ ڏانهن هڪ اھم قدم آهي. ھن چيو تہ کاڄرو تيل جي پوک قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ کاڄرو تيل جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان موقعي تي فوڪل پرسن ڊاڪٽر الله وڌايو چيو ته هي منصوبو شاگردن ۽ استادن لاءِ نون تحقيقي موقعن سان گڏ موسمي تبديليءَ سان هڪجهڙائي رکندڙ پائيدار زراعت کي به وڌائيندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته فيلڊ گلوبل وينچرز (ايف جي وي) ملائيشيا جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان پالينيشن سسٽم ۽ تيل ڪڍڻ جي ڪارڪردگيءَ تي تحقيق کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو.











