وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۾ مُلاقات

رياض-28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ مُلاقات ٿي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم مُنير سميت ٻنهي مُلڪن جي ڪابينا جا سينئر ميمبر پُڻ موجُود هُئا. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب مُلاقات ۾ گڏيل …

رياض-28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ مُلاقات ٿي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم مُنير سميت ٻنهي مُلڪن جي ڪابينا جا سينئر ميمبر پُڻ موجُود هُئا. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب مُلاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري سميت مُختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.