سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ هڪ اجلاس

ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ، دي سيٽيزنز فائونڊيشن ۽ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ٿيل ٽن ڌرين واري معاهدي تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب اهو معاهدو صوبي ۾ معياري تعليم تائين رسائي وڌائڻ لاءِ سيف جي …

ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ، دي سيٽيزنز فائونڊيشن ۽ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ٿيل ٽن ڌرين واري معاهدي تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب اهو معاهدو صوبي ۾ معياري تعليم تائين رسائي وڌائڻ لاءِ سيف جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت ڪيو ويو آهي۔ اهو ڀائيواري وارو پروگرام 2019ع کان 2029ع تائين جاري رهندو جنهن جو مقصد  سيف جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ذريعي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم تائين رسائي وڌائڻ آهي۔ ان تحت ٽي سي ايف ۽ سيف کي 500 نوان اسڪول قائم ڪرڻ ۽ ڪجهه غيرفعال يا بند اسڪولن جي بحالي ۽ انتظامي ذميواري ڏيڻ آهي۔ اهو تعاون فائونڊيشن اسسٽڊ اسڪولز ماڊل تحت هلي رهيو آهي جنهن ۾ سبسڊي جي نظام کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو آهي۔ ان مطابق ٽي سي ايف  کي في شاگرد بنيادي سبسڊي سان گڏ وڌيڪ 200 رپيا في شاگرد تدريسي تربيت ۽ نصابي ڪتابن لاءِ ڏنا ويندا۔ مينيجنگ ڊائريڪٽر سيف گنھور لغاري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٽي سي ايف هن ڀائيواري تحت اڃا تائين 98 اسڪول قائم ڪري چڪو آهي جيڪي بدين، دادو، حيدرآباد، جيڪب آباد، ڪورنگي، ملير، ڪشمور، مٽياري، ميرپورخاص، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، شڪارپور ۽ سجاول سميت مختلف ضلعن ۾ آهن۔ مرحليوار طريقي سان 2029ع تائين مجموعي طور 500 اسڪول قائم ڪرڻ جو هدف مقرر آهي۔ وڏي وزير ايم ڊي سيف جي تجويزن جو جائزو وٺندي چيو ته في شاگرد سبسڊي 2500 رپيا ڪرڻ ۽ سالياني طور مهانگائي جي شرح موجب واڌ تي غور ڪيو وڃي۔ هن هدايت ڪئي ته تجويزون تفصيل سان جائزو وٺي سفارشون تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن۔ سيد مراد علي شاهه سيف  ۽ ٽي سي ايف جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته معياري تعليم جي فراهمي ۽ سنڌ جي تعليمي نظام جي مضبوطي ۾ انهن جو ڪردار اهم آهي۔ اجلاس جي پڄاڻي تي حڪومت مؤثر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سڀني ٻارن لاءِ جامع، مساوي ۽ معياري تعليم يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ڪيو۔اجلاس ۾ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، مينيجنگ ڊائريڪٽر سيف گنھور لغاري ۽ دي سيٽيزنز فائونڊيشن جا نمائندا مشتاق ڇاپڙا، احسن سليم ۽ ضياءُ اختر عباس سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا۔

مزید خبریں