ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ۽ گورننس ۾ سڌارن جي اهم سنگ ميل طور سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم جو افتتاح ڪيو۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ٽريڪس جي شروعات صرف هڪ ٽيڪنيڪل اڳڀرائي نه پر شفافيت، جدت ۽ عوامي خدمتن ۾ بهتري لاءِ سنڌ …
سنڌ جي وڏي پاران ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم جو افتتاح

مزید خبریں
ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ۽ گورننس ۾ سڌارن جي اهم سنگ ميل طور سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم جو افتتاح ڪيو۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ٽريڪس جي شروعات صرف هڪ ٽيڪنيڪل اڳڀرائي نه پر شفافيت، جدت ۽ عوامي خدمتن ۾ بهتري لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو اظهار آهي۔ هن وضاحت ڪئي ته نئين نظام تحت پراڻي هٿ سان لکيل چالان بدران مڪمل خودڪار اي-ٽڪيٽس سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو جديد مصنوعي ذهانت سان ڳنڍيل سي سي ٽي وي ڪئمرائن ذريعي تيز رفتاري، سگنل ٽوڙڻ ۽ هيليمٽ نه پائڻ جهڙين ٽريفڪ خلاف ورزين جو پاڻمرادو داخل ڪندو۔ هي نظام انساني مداخلت ۽ ممڪن جانبداري ختم ڪري انصاف ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائيندو۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽريڪس ذريعي اسان ٽيڪنالاجي جي طاقت کي ڪتب آڻيندي شهرين جي سهولت ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون۔ هي رڳو پوليس کاتي جو منصوبو نه پر هر شهري لاءِ هڪ سڌاري وارو قدم آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته وڏن ٽريفڪ آفيسن ۽ ٿاڻن ۾ قائم ٽريڪس سهولت مرڪزن ذريعي شهري چالان جمع ڪرائڻ، خلاف ورزين بابت وضاحت ڏيڻ ۽ اپيلون داخل ڪرڻ جهڙيون سهولتون حاصل ڪري سگهندا۔ هي انقلابي قدم صوبي جي ٽريفڪ نظام کي جديد اصولن تي اختيار ڪندو ۽ شفافيت، جدت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت جي پختي واعدي جي عڪاسي ڪندو۔ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم تحت پراڻي هٿرادو چالان نظام جي جاءِ تي مڪمل خودڪار اي-ٽڪيٽنگ پليٽفارم اچي ويو آهي جيڪو جديد سي سي ٽي وي ڪئمرائن سان ليس آهي۔ هي نظام تيز رفتاري، سگنل ٽوڙڻ ۽ هيليمٽ نه پائڻ جهڙين ڀڃڪڙين جي پاڻمرادو سڃاڻپ ڪري ٿو جنهن سان انساني جانبداري ختم ٿي منصفاڻو ۽ جوابده نظام قائم ٿئي ٿو۔ ٽريڪس کي حڪومت جي ٻين اهم ڊيٽابيسن جهڙوڪ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، ڊرائيونگ لائسنس سسٽم، نادرا اي- سهولت ۽ جديد ادائيگي گيٽ ويز سان ڳنڍيو ويو آهي جنهن سان شهري هاڻي پنهنجي ڏنڊ جي ڄاڻ آن لائن يا موبائل فون ذريعي ڏسي ۽ ادا ڪري سگهندا۔ نئون ٽريڪس موبائل ايپ صارفين کي حقيقي وقت ۾ خلاف ورزين ڏسڻ ۽ فوري طور چالان ادا ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو۔ پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ 200 ڪئميرائون لڳايون ويون آهن جڏهن ته ايندڙ مرحلن ۾ انهن جو تعداد وڌائي 12000 تائين ڪيو ويندو ۽ پوءِ سسٽم کي صوبي جي ٻين ضلعن تائين وڌايو ويندو۔ ٽريڪس سهولت مرڪزن ذريعي شهري ڏنڊ جمع ڪرائڻ، وضاحت ڏيڻ ۽ اپيلون ڪرڻ جهڙيون سهولتون حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته سي پي ايل سي سان سسٽم جو انضمام شفاف نگراني ۽ شڪايتن جي ازالي کي يقيني بڻائيندو۔وڏي وزير چيو ته آگسٽ 2024 کان آڪٽوبر 2025 تائين ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ 684 متاثرين جا انگ اکر رپورٽ ٿيا، جيڪي ٽريڪس نظام جي ضرورت کي واضح ڪن ٿا۔ هن چيو ته نئون نظام سخت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هوندو جنهن ذريعي روڊن جي حفاظت ۾ نمايان سڌارو آڻيندو۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اوهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪا قوم ڪيتري مهذب آهي ته ان جو ٽريفڪ نظام ڏسو۔ هن گڏيل ذميواري تي زور ڀريندي ٻن مرحلن تي ٻڌل ڏنڊ وارو نظام تجويز ڪيو، اڳ تنبيهه ۽ معافي ۽ پوءِ ڀڃڪڙيءَ تي سخت سزا ڏني ويندي. ڊجيٽل تبديلي ۽ جاري سڌارا ٽريڪس سسٽم سنڌ پوليس جي ڊجيٽل قدمن جو تسلسل آهن جن ۾ سنڌ اسمارٽ سرويلنس سسٽم ايس فور ، تلاش ايپ ۽ او ٽي ايل وائي تصديقي ايپ شامل آهن۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليس ڊجيٽل تبديليءَ ۾ نئون معيار مقرر ڪيو آهي۔ هن چيو ته حڪومت جو مقصد بهتر حڪمراني، عوامي تحفظ ۽ ڪارڪردگي ۾ واڌارو آڻڻ آهي۔ هن پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي حالتون ڏکيون آهن۔ وڏي وزير چيو ته مان سنڌ پوليس، رينجرز ۽ سڀني ساٿين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن سنڌ پوليس کي ڊجيٽل دور ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ ٽريڪس جهڙن نظامن سان اسان نه رڳو محفوظ شاهراهون ٺاهي رهيا آهيون پر عوامي اعتماد جي بحالي ۽ حڪمراني کي به عوام دوست بڻائي رهيا آهيون۔ هن وڌيڪ چيو ته ٽريڪس نظام کي فوري لاڳو ڪيو ويو آهي جيڪو ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ روڊن جي سلامتي ۽ شفاف ٽريفڪ نظام جو نئون دور آڻيندو۔ وڏي وزير پوليس جي ڊجيٽل ترقي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪچي جي علائقن ۾ پوليس جي ڪامياب آپريشنن جي واکاڻ ڪئي جتي 72 ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪيا۔ تقريب ۾ صوبائي وزير گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، انسپيڪٽر جنرل غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي جاويد اوڍو ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه پڻ خطاب ڪيو۔ ان کان اڳ وڏي وزير ٽريڪس نظام جي تختي جي پڌرائي ڪئي ۽ کيس صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي پوليس طرفان منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ تقريب ۾ صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ذوالفقار علي شاهه ۽ رياض شاهه شيرازي شرڪت ڪئي۔ انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمن، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ پوليس جا ٻيا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا۔











