سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پوري ملڪ جيان ضلعي سکر ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي علامت طور “ڪارو ڏينهن” ملهايو ويو. ضلعي انتظاميه سکر پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ڀارت جي مقبوضه ڪشمير ۾ جاري ظلم، جبر ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ هڪ ريلي جو بندوبست ڪيو ويو. ريلي ميونسپل اسٽيڊيم سکر کان شروع ٿي ۽ …
سکر ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي علامت طور ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويو

مزید خبریں
سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پوري ملڪ جيان ضلعي سکر ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي علامت طور “ڪارو ڏينهن” ملهايو ويو. ضلعي انتظاميه سکر پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ڀارت جي مقبوضه ڪشمير ۾ جاري ظلم، جبر ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ هڪ ريلي جو بندوبست ڪيو ويو. ريلي ميونسپل اسٽيڊيم سکر کان شروع ٿي ۽ پريس ڪلب سکر تي پڄاڻي ٿي. ان جي اڳواڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سکر بشرا منصور ڪئي. ريلي ۾ استادن، شاگردن، وڪيلن، سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڀارت جي ظلمن خلاف ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حقِ جي حمايت ۾ زوردار نعرا هنيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سکر بشرا منصور چيو ته پوري ملڪ جيان سکر ۾ به ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي علامت طور “ڪارو ڏينهن” ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ۽ انهن جي آزاديءَ جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته جيستائين انهن کي پنهنجو خوداراديت جو حق حاصل نه ٿيندو، تيستائين اسان انهن سان گڏ بيٺا رهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. هن واضع ڪيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڪشمير جي آزادي تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي پنهنجو حمايتي ڪردار جاري رکندي.











