روس کان تيل خريد ڪرڻ تان هٿ نٿا کڻي سگهون: هنگري

بڊاپيست-27 آڪٽوبر(اي پي پي) هنگري جي پرڏيهي وزير پيٽرسييارتو چيو آهي ته سندس ملڪ عملي حقيقتن کي سامهون رکندي روس کان تيل خريدراري تان هٿ نٿو کڻي سگهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن زور ڀريندي چيو ته توانائي جي فراهمي سياسي ناهي پر حقيقت تي ٻڌل آهي ڇو ته توهان پنهنجي گهرن کي سياست سان گرم يا ٿڌو نٿا ڪري سگهو. هن ٻڌايو ته هن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو …

بڊاپيست-27 آڪٽوبر(اي پي پي) هنگري جي پرڏيهي وزير پيٽرسييارتو چيو آهي ته سندس ملڪ عملي حقيقتن کي سامهون رکندي روس کان تيل خريدراري تان هٿ نٿو کڻي سگهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن زور ڀريندي چيو ته توانائي جي فراهمي سياسي ناهي پر حقيقت تي ٻڌل آهي ڇو ته توهان پنهنجي گهرن کي سياست سان گرم يا ٿڌو نٿا ڪري سگهو. هن ٻڌايو ته هن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ان معاملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ۽ هنگري جي جاگرافيائي صورتحال جي وضاحت ڪئي ڇو ته ملڪ کي سمنڊ تائين رسائي حاصل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير پهريون اولهه جو سياستدان آهي جنهن تسليم ڪيو آهي ته ڪنهن ملڪ جي جاگرافي جو احترام ڪرڻ ضروري آهي.